Salam Ko Aam Kijiye

Book Name:Salam Ko Aam Kijiye

Good Morning ته  ڪڏهن *Good Evening وغيره نه ڄاڻ ڇا ڇا چوندا آهن. ڪجهه جيڪي گهڻو پڙهيل لکيل نه هوندا آهن، اهي توڙي جو ائين ماڊرن بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهن, البته انهن وٽ به مختلف انداز رائج آهن*ڪيترا ته اهڙا آهن جيڪي سلام ڪندا ئي نه آهن بس ائين ئي هٿ تي هٿ رکي ڇڏيندا آهن يا صرف آڱريون ملائيندا آهن*اهڙا نادان به آهن جيڪي ملاقات جي شروعات ئي گارين سان ڪندا آهن*مطلب ته ملاقات جي وقت جا ڪيترا ئي عجيب عجيب انداز ماڻهن اپنائي رکيا آهن. اهي سڀئي طريقا خلافِ سنت آهن.

اسان اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! مسلمان آهيون، اسان حديثون ٻڌيون،  پياري آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم           باقاعده طور تي اَنْعِمْ صَبَاحًا (يعني Good Morning) چئي ملاقات ڪرڻ وارن کي روڪيو ۽ تربيت فرمائي ته اسلامي سلام اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللهِ آهي بلڪه ابوداؤد شريف جي حديث پاڪ ۾ آهي، حضرت عمران بن حصين رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا: اسان زمانهءِ جاهليت ۾ چوندا هئاسين: اَنْعَمَ اللهُ بِکَ عَیْنًا (الله پاڪ توهان جي ذريعي اکيون ٿڌيون ڪري) يا چوندا هئاسين: اَنْعِمْ صَبَاحًا توهان جو صبح سٺو ٿئي. دينِ اسلام اسان کي ايئن چوڻ کان روڪي ڇڏيو (۽ اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللهِ وَبَرَکَاتُہ! چوڻ جو حڪم ڏنو). ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي انهن ڳالهين کي سمجهڻ گهرجي! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اسلام هڪ مڪمل دين آهي، ان جي پنهنجي تهذيب آهي، پنهنجو تمدن آهي، پنهنجي ثقافت آهي، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اسلام جو رنگ سڀني معاشرن کان جدا، سڀني کان سٺو ۽ بهترين آهي. اسان کي گهرجي ته هر هڪ معاملي ۾ صرف ۽ صرف اسلامي تعليمات مطابق عمل ڪيون ۽ اُنهيءَ جي ئي پيروي ڪيون.

اسلامي سلام جون خاصيتون

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اسلامي سلام دنيا ۾ رائج سڀني طريقن کان منفرد، نرالو ۽ تمام بهترين آهي. مان ان جي رڳو هڪ مثال پيش ڪندس، جاھليت


 

 



[1]... مصنف عبد الرزاق، کتاب الجامع، باب کیف السلام و الرد، جلد:10، صفحہ:7، حدیث:19606۔