Salam Ko Aam Kijiye

Book Name:Salam Ko Aam Kijiye

موجود مسلمانن کي هر ڀيري سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي*سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ سنت آهي*سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو الله پاڪ جو مقرب ٻانهو آهي*سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تڪبر کان آزاد آهي* سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿينديون آهن   *اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملنديون آهن، گڏوگڏ وَ رَحْمَۃُ اللہ به چونداسين  ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽ وَ بَرَکَاتُہٗ به شامل ڪندا ته 30 نيڪيون ٿي وينديون      *اهڙي طرح جواب ۾ به وَ عَلَیْکُمُ السَّلَامُ وَ رَحْمَۃُ اللہِ وَبَرَکَاتُہٗ چئي 30 نيڪيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون*سلام جو جواب فوراً ۽ ايتري آواز سان ڏيڻ واجب آهي جو سلام ڪرڻ وارو ٻڌي وٺي. ([1])

رضائے حق کے لئے تم سلام عام کرو         سلامتی کے طلب گار ہو سلام کرو

مصافحو (هٿ ملائڻ) جون سنتون ۽ آداب

هٿ ملائڻ کي عربي ۾ مُصَافَحہ ۽ انگريزي ۾ Handshake چوندا آهن    *ٻن مسلمانن جو ملاقات وقت ٻنهي هٿن سان مصافحو ڪرڻ يعني ٻئي هٿ ملائڻ سنت آهي*هٿ ملائڻ کان پهريان سلام ڪيو*جدا ٿيڻ وقت به سلام ڪيو ۽ گڏوگڏ هٿ به ملائي سگهو ٿا*هٿ ملائڻ دوران درود شريف پڙهو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هٿ جدا ٿيڻ کان پهريان اڳيان ۽ پويان گناهه بخشجي ويندا*هٿ ملائڻ وقت درود شريف پڙهي هيءَ دعا به پڙهو: یَغْفِرُاللہُ لَنَا وَلَکُمْ (يعني الله پاڪ اسان جي ۽ توهان جي مغفرت فرمائي)*ٻه مسلمان هٿ ملائڻ دوران جيڪا دعا گهرندا اها اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قبول ٿيندي ۽ هٿ جدا ٿيڻ کان پهريان ٻنهي جي مغفرت ٿي ويندي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!*پاڻ ۾ هٿ ملائڻ سان دشمني دور ٿيندي آهي*مسلمان کي سلام ڪرڻ، هٿ ملائڻ بلڪه محبت سان ڏسڻ سان به ثواب ملندو


 

 



[1]...550سنتیں اور آداب، ص30-32ملتقطا ً۔