Book Name:Salam Ko Aam Kijiye
اي عاشقان رسول! ڳلي ملڻ کي معانقه چيو ويندو آهي ۽ معانقو ڪرڻ سنت مصطفى آهي.*مِرْاٰۃُ الْمَنَاجِیْح ۾ آهي: خوشي ۾ ڪنهن سان ڳلي ملڻ سنت آهي. ([1]) پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم ڪيترائي ڀيرا صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم تي شفقت فرمائيندي انهن کي معانقي جو شرف بخشيندا هئا. مثلاً *خيبر جي موقعي تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم حضرت جعفر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کي سيني سان لڳايو ۽ پيشاني تي چُمي به ڏنائون.([2]) *هڪ دفعي پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کي گهرايو، جڏهن هو حاضر ٿيا ته شفقت فرمائيندي انهن کي ڳلي سان لڳايائون. ([3])
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي بهار شريعت جلد: 3 جو حصو 16 ۽ امير اهلسنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سنتون سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي.
اُلفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خدا چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو
گر مدینے کا غم چاہئے چَشمِ نَم لینے یہ نعمتیں قافلے میں چلو ([4])
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم
دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري
اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون
﴿1﴾ جمعه جي رات جو دُرُود