Salam Ko Aam Kijiye

Book Name:Salam Ko Aam Kijiye

وارا آقا، امت جي غم ۾ ڳوڙها وهائڻ وارا آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم           اسان گناه گارن کان منهن ئي موڙي ڇڏين ته سوچيو اسان جو ڇا ٿيندو...!! 

نہ اُٹھ سکے گا قیامت تلک خدا کی قسم               کہ جس کو تُو نے نظر سے گِرا کر چھوڑ دیا

الله پاڪ اسان جو ايمان سلامت رکي، اسان جون نسبتون سلامت رکي، الله پاڪ اهو ڏينهن اسان کي ڪڏهن نه ڏيکاري جو محبوبءِ ذيشان صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم            اسان کان ناراض ٿين، اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي پياري آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم           جو طريقو اختيار ڪيون،  سندن سنتن تي عمل ڪندا رهون. بس اها ڳالهه پڪي ڪري پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ ويهاري ڇڏيون ته: خَیْرُ الْہَدْیِ ہَدْیُ مُحَمُّد يعني بهترين هدايت اها آهي جيڪا محمد صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم           جي وسيلي نصيب ٿي آهي. 

سلام محبت پيدا ڪندو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! سلام هڪ انمول نعمت آهي، الله پاڪ سلام ۾ اهڙي ڪمال جي تاثير رکي آهي جو اسان سلام ڪندا ته زبان سان آهيون، پر ان جو اثر سڌو دل تي ٿيندو آهي. اسان جي پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم           فرمايو: لَاتَدْخُلُوا الجَنَّۃَ حَتّٰی تُؤْمِنُوْا يعني توهان تيسيتائين جنت ۾ داخل نه ٿي سگهندﺆ  جيستائين ايمان نه آڻيو! وَلَا تُؤْمِنُوْا حَتّٰی تَحَابُّوْا ۽ توهان ايسيتائين ڪامل (مڪمل) مومن نه ٿي سگهندﺆ جيستائين پاڻ ۾ محبت نه ڪيو! پوءِ فرمايائون: ڇا مان توهان کي اها ڳالهه نه ٻڌايان، جنهن تي عمل ڪري توهان جي پاڻ ۾ محبت وڌي وڃي؟       اَفْشُوا السَّلَامَ  بَیْنَکُمْ   يعني پاڻ ۾ سلام کي عام ڪيو! ([1]) 

محبت سان ڀريل اسلامي تير

حضرت لقمان حڪيم  رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ هڪ دفعي پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي فرمايو: پٽ! جڏهن به ڪنهن قوم وٽان گذرين ته انهن کي اسلامي تير هڻندو ڪر! 

هي اسلامي تير ڇا آهي؟ حضرت عوف بن عبدالله  رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: ان


 

 



[1]...ابوداؤد، کتابُ الادب، باب اِفْشَاءُ السلام، صفحہ:809، حدیث:5193۔