Salam Ko Aam Kijiye

Book Name:Salam Ko Aam Kijiye

ڇا جدا ٿيڻ (موڪلائڻ ) وقت به سلام ڪيون

اسان وٽ هڪ غلط فهمي ڏٺي وئي آهي، ڪجهه ماڻهو سمجهندا آهن ته ملڻ وقت ته سلام ڪرڻ گهرجي، ان سان محبت وڌندي آهي، پر جدا ٿيڻ يعني موڪلائڻ وقت سلام نه ڪرڻ گهرجي، ان سان دوريون وڌنديون آهن. اها تمام غلط ڳالهه آهي، سلام ڪرڻ جا فائدا ئي فائدا آهن، ان جو ڪو به نقصان(Disadvantages)  نه آهي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم           فرمايو: توهان مان جڏهن ڪو مجلس ۾ اچي ته سلام ڪري پوءِ جڏهن مجلس مان اٿي ته به سلام ڪري ڇو جو پهريون ٻئي کان وڌيڪ حقدار ناهي. ([1])

مشہور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي  رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ لکن ٿا: هن حديث پاڪ مان معلوم ٿيو ته گذرڻ وارو صرف هڪ سلام ڪري ۽ جيڪو مجلس ۾ ڪجهه دير ويهي اهو ٻه سلام ڪري: (1): سَلامِ لِقَا يعني ملاقات جو سلام  (2): سَلامِ   وَدَاع  يعني رخصت ٿيڻ جو سلام. اهي ٻئي سلام سنت آهن. ([2])

اهڙي طرح هڪ حديث شريف ۾ آهي: جڏهن توهان گهر ۾ وڃو ته سلام ڪيو! جڏهن گهر کان نڪرو تڏهن به سلام ڪيو...!! ([3])

 معلوم ٿيو ته جهڙي طرح ملڻ وقت سلام ڪرڻ محبت وڌائيندو آهي ٿو، تيئن ئي جدا ٿيڻ وقت سلام ڪرڻ به محبت وڌائيندو آهي. تنهنڪري ملڻ وقت به سلام ڪيو! ۽ جدا ٿيڻ وقت به لازماً سلام ڪيو! 

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                     صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

سلام افضل ترين تحفو آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! سلام کي عام ڪرڻ جنت ۾ وٺي وڃڻ واري نيڪي آهي.


 

 



[1]... ترمذی، کتاب الاستئذان،باب ما جاء فی التسلیم عند القیام...الخ، صفحہ:636، حدیث:2706۔

[2]... مراۃ المناجیح، جلد:6، صفحہ:336۔

[3]...شعب الایمان، باب فی مقاربۃ...الخ،فصل فی السلام ...الخ، جلد:6، صفحہ:448، حدیث:8845۔