Book Name:Salam Ko Aam Kijiye
ڪرڻي آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: اَلْبَادِئُ بِالسَّلَامِ بَرِيْءٌ مِّنَ الْكِبْرِ يعني سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تڪبر کان آزاد آهي. ([1])
ابوداؤد شريف جي حديث پاڪ آهي: منهنجي ۽ توهان جي آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن توهان مان ڪو پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان ملي ته ان کي سلام ڪري، پوءِ هلندي هلندي ٻنهي جي وچ ۾ وڻ، ڀت يا پٿر اچي وڃي (مثال طور وچ ۾ وڻ آيو، هڪ وڻ جي هڪ پاسي کان لنگهيو، ٻئي وڻ جي ٻئي پاسي کان لنگهيو، پوءِ وڻ کان اڳتي گذري وڃي) ٻيهر ملن ته ٻيهر سلام ڪري. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! اهو انداز به اسان کي اپنائڻ گهرجي! اها سوچ اڪثر ڏٺي وئي آهي ته هڪ ڀيري ملاقات جي وقت جيڪڏهن سلام ڪري ڇڏيو ته هاڻي اهو سڄي ڏينهن جي لاءِ ڪافي ٿي ويو ٻيهر چاهي 100 دفعا به ملن ماڻهو سلام نه ڪندا آهن اها سوچ بڻيل هوندي آهي ته صبح ئي ته سلام ڪيو هو. اها سوچ صحيح ناهي سلام کي عام ڪرڻ جو حڪم آهي، ڏينهن ۾ چاهي هزار دفعا ملاقات ٿئي، بلڪه گهر ۾ ئي هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ وڃو ته سلام ڪيو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نيڪيون به ملنديون ۽ هڪ ٻئي کي دعائون ڏيڻ به نصيب ٿيندو، ڪهڙي خبر ڪهڙو وقت قبوليت جو هجي، اسان سلامتي، رحمت ۽ برڪت جي دعا ڏيون يا وٺون، انهيءَ وقت دعا قبول ٿي وڃي ۽ اسان کي دنيا، قبر، حشر، پل صراط وغيره هر جاءِ تي سلامتي جي دولت نصيب ٿي وڃي.
حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا: رسول رحمت، شفيع امت صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم مون کي نصيحت ڪندي فرمايو: پٽ! جڏهن به گهر ۾ وڃين ته گهر وارن کي