Salam Ko Aam Kijiye

Book Name:Salam Ko Aam Kijiye

بهتر جواب ڏيو

الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ اِذَا حُیِّیۡتُمۡ بِتَحِیَّۃٍ فَحَیُّوۡا بِاَحۡسَنَ مِنۡہَاۤ   (پارہ:5، سورۂ نساء:86)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جڏهن توهان کي ڪنهن لفظ سان سلام ڪيو وڃي ته توهان ان کان بهتر لفظ سان جواب ڏيو

يعني اي مسلمانو...!! جڏهن توهان کي ڪو سلام ڪري ته توهان ان جي سلام جو ان کان بهتر جواب ڏيو، جيڪڏهن هُو چوي: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ توهان چئو: وَعَلَیْکُمْ السَّلَامُ وَرَحْمَۃُ اللهِ، جيڪڏهن هُو چوي: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللهِ، توهان چئو: وَعَلَیْکُمْ السَّلَامُ وَرَحْمَۃُ اللهِ وَبَرَکَاتُہٗ! اهو سٺو جواب آهي، يقيناً الله پاڪ هر شيءِ جو حساب وٺندو، هر هڪ کي ان جي عمل جي مطابق جزا ۽ سزا سان نوازيندو، تنهنڪري توهان جي سلام ۽ جواب جو اجر ضايع نه ٿيندو.

سلام جو جواب ڏيڻ واجب آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه مان معلوم ٿيو ته سلام جو جواب ڏيڻ واجب آهي،([1]) اڄڪلهه ان معاملي ۾ به سستي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، گهڻا ماڻهو سلام جو درست جواب نه  ڏيندا آهن*صرف ڪنڌ لوڏيندا آهن*چپن ۾ نهايت آهستي آواز سان وَعَلَیْکُمْ چئي ڇڏيندا آهن*ڪجهه ماڻهو سلام ٻڌي صرف هٿ اڳتي وڌائيندا آهن، زبان سان  ڪجهه نه چوندا آهن*۽ ڪن جي ته اهڙي به حالت هوندي آهي جو سلام ٻڌي به ان تي ڪا توجهه ئي نه ڏيندا آهن، جواب ڏيڻ جي بدران ٻيون ڳالهيون ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن. اهي سڀ غلط انداز آهن، اهو چڱيءَ طرح ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو ته سلام ڪرڻ سنت آهي ۽ ان جو جواب ڏيڻ واجب آهي. جيڪڏهن جواب ئي نه ڏنو يا ڏنو ته صحيح پر بغير شرعي مجبوري جي يڪدم نه ڏنو ته گناهه ٿيندو. ([2])  لهٰذا جڏهن به ڪو سلام ڪري پوري توجهه


 

 



[1]...بہارِ شریعت، جلد:3، صفحہ:459، حصّہ:16۔

[2]...بہارِ شریعت، جلد:3، صفحہ:459-460، حصّہ:16 بتصرف۔