Book Name:Salam Ko Aam Kijiye
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! *الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس*بااَدَب ويهندس*خوب توجهه سان بيان ٻڌندس*جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
30 نيڪين وارو عمل
صحابيءِ رسول حضرت عمران بن حُصَين رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري محفلِ نور سجيل هئي، الله پاڪ جا سڀني کان آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم تشريف فرما هئا، صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عنهم به حاضِر خِدمت هئا، ايتري ۾ هڪ شخص آيو، ان چيو: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ! پياري محبوب صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم (سلام جو جواب ڏيڻ کان پوءِ) فرمايو: عَشْرٌ يعني هن جي لاءِ 10 نيڪيون آهن. ڪجهه دير کان پوءِ هڪ ٻيو شخص حاضر ٿيو، ان چيو: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ الله جي پياري محبوب صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم فرمايو: عِشْرُوْنَ يعني هن جي لاءِ 20 نيڪيون آهن. ڪجهه دير کان پوءِ هڪ ٽيون شخص حاضر ٿيو، ان چيو: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللهِ وَبَرَکَاتُہٗ! جنهن تي پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم فرمايو: ثَلَاثُوْنَ يعني هن جي لاءِ 30 نيڪيون آهن. ([1])
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي خوبصورت ڳالهه آهي...!! الله رَبُّ الْعَالَمِیْن جو اسان گنهگارن تي ڪيڏو وڏو احسان آهي جو صرف ۽ صرف هڪ يا ڏيڍ سيڪنڊ جو ڪم آهي ۽ ڪم به ڪو ايڏو ڏکيو نه آهي، ڪو بارُ ناهي کڻڻو، هٿ پير ناهي هلائڻا، شايد اسان جي جسم جو اهو حصو جنهن کي هلائڻ انتهائي آسان آهي، اها اسان جي زبان آهي، ان زبان کي ٿوري حرڪت ڏئي ڪجهه الفاظ چوڻا