Salam Ko Aam Kijiye

Book Name:Salam Ko Aam Kijiye

فرمائيندا. سڀئي ذميدار ۽ عاشقان رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمايو ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو.*شيخ طريقت، امير اہلسنت  دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  يا خليفهءِ اميراهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي به ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالو "26 فرامينِ عطّار" جو اعلان ڪيو ويندو. هيءُ رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به پڙهڻ جي ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا مثال طور واٽس ايپ وغيره استعمال ڪن ٿا، الله جي رضا ۽ ثواب لاءِ هي رسالو ٻين سان به شيئر (Share) ڪيو

* قرآن پاڪ ۾ الله پاڪ ڪيترن ئي هنڌن تي "اي ايمان وارو!" چئي ڪري ايمان وارن کي خاص هدايتون ڏنيون آهن. ان حوالي سان مڪتبة المدينه هڪ منفرد ڪتاب هن نالي "اي ايمان وارؤ!"پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهي.

توهان انهن حڪمن جي تفصيل ۽ تفسير ڄاڻڻ لاءِ هن ڪتاب جو مطالعو ڪريو! توهان هيءُ ڪتاب مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 1 هزار رپين ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا .پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                     صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ ڪجهه آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو. پياري آقا    صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم           فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ يعني جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])   

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!             جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

معانقه ڪرڻ (يعني ڳلي ملڻ) سنتِ مصطفيٰ  آهي  

فرمان آخري نبي، رسول هاشمي  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  : جنهن جو ڪو ڀاءُ هجي، ان کي گهرجي ته پنهنجي ڀاءُ سان معانقو ڪري. ([2]) 


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[2]...کَنزُ الْعُمَال، کتاب: الفضائل، جلد:7، جز:13، صفحہ:26، حدیث:36235۔