Book Name:Salam Ko Aam Kijiye
پنهنجي ڀاءُ جو هٿ پڪڙيندو آهي ۽ ان جي لاءِ مسڪرائيندو آهي ته انهن ٻنهي جا گناهه ائين مٽجندا آهن جيئن وڻ جا پن ڇڻندا آهن. ([1]) هڪ روايت ۾ آهي: پاڻ رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمايو: جڏهن ڪو شخص پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان ملندو آهي ۽ ان سان مُصَافَحہ ڪندو (يعني هٿ ملائيندو) آهي ته انهن ٻنهي جا گناهه ائين ڇڻندا آهن جيئن تيز هوا سان وڻن جا پن ڇڻندا آهن. پاڻ رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ جي اها ڳالهه ٻڌي هڪ شخص حيرت مان چيو: بيشڪ اهو ته تمام ننڍي عمل سان آهي (يعني ايتري آسان عمل سان ايڏو وڏو انعام ڪيئن ملي سگهي ٿو؟) حضرت مجاهد رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمايو: (اي انسان!) ڇا تو الله پاڪ جو فرمان نه ٻڌو آهي:
وَ اَلَّفَ بَیْنَ قُلُوْبِهِمْؕ-لَوْ اَنْفَقْتَ مَا فِی الْاَرْضِ جَمِیْعًا مَّاۤ اَلَّفْتَ بَیْنَ قُلُوْبِهِمْ وَ لٰكِنَّ اللّٰهَ اَلَّفَ بَیْنَهُمْؕ-اِنَّهٗ عَزِیْزٌ حَكِیْمٌ(۶۳) (پارہ:10،سورۂ اَنفال:63)
ترجموڪنزالعرفان: جيڪڏهن توهان زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي خرچ ڪري ڇڏيو ها تڏهن به انهن جي دلين ۾ محبت پيدا نه ڪري سگهو ها پر الله انهن جي دلين کي ملائي ڇڏيو
يعني ٻن دلين جي پاڻ ۾ محبت جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو هڪ ٻئي سان ملندا آهن ۽ هٿ ملائيندا آهن، اها محبت ڪو ننڍڙو عمل نه آهي، اها ته انمول نعمت آهي جيڪا دنيا جي سموري دولت خرچ ڪري به حاصل نه ٿي ڪري سگهجي.
مُصافَحہ (يعني هٿ ملائڻ) جون فضيلتون
* حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کان روايت آهي، سرڪار مدينه صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن ٻه مسلمان پاڻ ۾ ملاقات ڪندا آهن ۽ هڪ ٻئي جو هٿ جهليندا آهن (هٿ ملائيندا يعني مصافحو ڪندا آهن) ته الله پاڪ جي ذمهءِ ڪرم تي آهي ته انهن جي دعا کي قبول فرمائي ۽ ٻنهي جا هٿ جدا ٿيڻ کان اڳ انهن جي مغفرت فرمائي. ([2])*تاجدار مدينه صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم فرمايو: مسلمان جڏهن