Salam Ko Aam Kijiye

Book Name:Salam Ko Aam Kijiye

آهي. ان مان اندازو لڳايو! 30 نيڪين جو ڪيترو قدر ۽ قيمت هوندي...؟

هڪ ٻي ڳالهه عرض ڪيان ته جنت جي هڪ سِرَ ايتري ته اعليٰ آهي جو هيءَ سموري دنيا ۽ ان دنيا جي سموري دولت گڏ ڪري به جنت جي هڪ سِرَ خريد ڪري نه ٿي سگهجي، ايتري اعليٰ جنت جي صرف هڪ سِرَ نه پر پورا پورا محل هڪ نيڪيءَ جي ذريعي حاصل ٿي سگهن ٿا، اها هڪ نيڪيءَ جي قدر ۽ قيمت آهي، مطلب ته هڪ نيڪي هيءَ پوري دنيا ۽ جيڪو ڪجهه ان ۾ آهي، انهن سڀني کان وڌيڪ قيمتي ۽ وڌيڪ اهميت واري آهي. قربان وڃان! اهڙي اعليٰ ترين قدر ۽ قيمت واري صرف هڪ نه پر 30 نيڪيون صرف اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللهِ وَبَرَکَاتُہٗ! چوڻ سان نصيب ٿي وينديون آهن.

نيڪين جا حريص بڻجي وڃو!

افسوس! اسان وٽ نيڪي ڪرڻ جو حرص تمام گهٽ آهي، ماڻهو توجهه تمام گهٽ ڏيندا آهن. هونئن گهڻو ڪجهه ڳالهائيندا رهندا آهن، صبح جو ننڊ مان اٿڻ سان ئي زبان هلڻ شروع ٿيندي آهي، رات جو سمهڻ وقت بند ٿيندي آهي    *فضول ڳالهيون*کِلَ ڀوڳ*ٽهڪَ*گار گند*غيبتون*چغليون ۽ نه ڄاڻ ڪهڙيون ڪهڙيون فضول ۽ گناهن ڀريون ڳالهيون سڄو ڏينهن ڪندا رهندا آهن، پر سلام ڪرڻ ڏکيو لڳي رهيو هوندو آهي. سٺا ۽ بااخلاق مسلمان اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! سلام ڪرڻ جا عادي هوندا آهن، جڏهن به ملندا آهن ته سلام ڪندا آهن پر انهن ۾ به هڪ تعداد اهڙن جو آهي جيڪي صرف اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوندا آهن، ان کان اڳتي وَرَحْمَۃُ اللهِ وَبَرَکَاتُہ نه ملائيندا آهن، ائين بغير سبب جي 20 نيڪين کان محروم رهجي ويندا آهن. ڪاش! اسان جو نيڪيون ڪمائڻ جو ذهن بڻجي وڃي.

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم          

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                             صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد