Book Name:Salam Ko Aam Kijiye
خيال اچي رهيا هوندا آهن ته: فلاڻو مون کان ننڍو آهي، ان کي گهرجي ته مون کي سلام ڪري*هو ته شاگرد آهي، ان جو حق آهي ته استاد کي سلام ڪري *فلاڻو ته نوڪر آهي، جيڪڏهن مان ان کي سلام ڪيان ته منهنجي رعب جو ڇا ٿيندو وغيره وغيره جهڙا خيال دل ۾ پيدا ٿي رهيا هوندا آهن ۽ انهن خيالن جي ڪري ئي ماڻهو سلام ۾ اڳرائي نه ڪري سگهندا آهن. تنهنڪري سلام ۾ اڳرائي اهو ئي ڪري سگهندو جيڪو عاجزي وارو هوندو ۽ عاجزي اهو عمل آهي جو حديث پاڪ ۾ ارشاد ٿيو: مَنْ تَوَاضَع َلِلّٰہ ِرَفَعَہٗ اللہُ يعني جيڪو الله پاڪ جي خاطر عاجزي اختيار ڪندو آهي، الله پاڪ ان کي بلنديون عطا فرمائيندو آهي. ([1])
جيئن ته سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ به عاجزي جي علامت آهي، تنهنڪري هن نيڪ عمل جي برڪت سان الله پاڪ جو قرب نصيب ٿيندو آهي.
پياري آقا جو پيارو پيارو انداز
انهي ڪري پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گهرجي ته سلام ۾ اڳرائي ڪندا رهون. اسان جي پياري آقا، محمد مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم جن جو شان آهي ته
بَعْدْ اَزْ خُدَا بُزُرگ تُوْئِی قِصَّہ مُخْتَصر
الله پاڪ کان پوءِ سڀني کان مٿانهون درجو اوهان جو ئي آهي، نبين جا امام آهن، فرشتن جا به نبي آهن، سموري مخلوقات جا نبي آهن، ايترو بلند مرتبو هئڻ جي باوجود به مبارڪ انداز ڪيڏو نرالو هو، روايتن ۾ آهي: پيارا آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم گهٽيءَ مان گذرندا هئا، رستي ۾ ٻارن کي ڏسندا هئا ته سلام ۾ اڳرائي فرمائيندا هئا.
سُبْحٰنَ اللہ! ڪاش! اسان کي به اها سعادت ملي وڃي، سلام ۾ اڳرائي جي عادت اختيار ڪيون،. ڪوئي ننڍو هجي يا وڏو، اسان جو استاد هجي يا شاگرد، نوڪر هجي يا مقتدي، بس ذهن ۾ اهو ئي هئڻ گهرجي ته سلام ۾ اڳرائي مون کي ئي