Salam Ko Aam Kijiye

Book Name:Salam Ko Aam Kijiye

سلام ڪندو ڪر! ايئن ڪرڻ سان توهان کي ۽ توهان جي گهر وارن کي برڪتون ٿينديون. ([1])

اڄڪلهه بي برڪتي جي شڪايت تمام عام آهي، لکين روپيا ڪمائيندڙ به چوندا آهن: ڀاءُ! پوري نٿي پوي. يعني آمدني گهٽ ۽ خرچ وڌيڪ آهن. رزق ۾ بي برڪتي تمام گهڻي آهي. آسان ترين نسخو آهي، گهر ۾، گهر جي رزق ۾، گهر وارن جي جان ۾، عزت ۽ آبرو ۾، صحت ۽ عافيت ۾ برڪتون چاهيو ٿا ته سلام جي عادت بڻايو! جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيو، سڀ کان پهريان دعا پڙهو! پوءِ فوراً بلند آواز ۾ سلام چئو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! برڪتون ئي برڪتون  نصيب ٿينديون. 

غربت کان نجات ملي وئي

  حضرت سهل بن سعد رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ دفعي هڪ شخص بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيو ۽ پنهنجي تنگدستي ۽ مفلسي جي شڪايت ڪيائين. رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم           فرمايو: جڏهن تون پنهنجي گهر ۾ داخل ٿين ته پنهنجي گهر وارن کي سلام ڪندو ڪر، جيڪڏهن گهر ۾ ڪو به نه هجي ته مون تي سلام عرض ڪندو ڪر ۽ هڪ دفعو قُل ہُوَ اللہ ُاَحَدٌ (يعني مڪمل سورة اخلاص) پڙهندو ڪر.

اهو صحابي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ هليو ويو ۽ ان تي عمل ڪيائين، جڏهن گهر ۾ داخل ٿيندو هو ته گهر وارن کي سلام ڪندو هو، پوءِ سورة اخلاص شريف پڙهندو هو، ان جي برڪت سان ان تي اهڙو ڪرم ٿيو، الله پاڪ ان کي ايترو مال عطا فرمايو جو هو پنهنجن پاڙيسرين (Neighbors) ۽ مائٽن (Relatives) جي به خدمت ڪرڻ لڳو. ([2]) 

شافعِ روزِ جَزا تم پہ کروروں درود             دافعِ جُملہ بَلا تم پہ کروڑوں درود ([3])

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                            صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]... ترمذی، کتاب الاستئذان، باب ماجاء فی التسلیم اذا دخل بیتہ، صفحہ:635، حدیث:2698۔

[2]... تفسیر ِقرطبی،پارہ:30،سورۂ اخلاص،زیرِ آیت:1،جلد:10 ،صفحہ:4765 ۔

[3]... حدائقِ بخشش ،صفحہ:264۔