Salam Ko Aam Kijiye

Book Name:Salam Ko Aam Kijiye

آهي. حديث پاڪ  ۾ آهي: جيڪو پنهنجي مسلمان ڀاءُ ڏانهن محبت ڀري نظر سان ڏسندو آهي ۽ ان جي دل ۾ دشمني نه هجي ته نظر واپس موٽڻ کان پهريان ٻنهي جا اڳيان جا گناهه بخشيا ويندا آهن*جيترا دفعا به ملاقات ٿئي هٿ ملائي سگهجي ٿو*اڄڪلهه ڪجهه ماڻهو هڪ هٿ ملائيندا آهن بلڪه صرف آڱريون ئي پاڻ ۾ ٽڪرائيندا آهن، اهو سڀ سنت جي خلاف آهي*هٿ ملائڻ کان پوءِ پاڻ پنهنجو ئي هٿ چمڻ مڪروه آهي. ها! جيڪڏهن ڪنهن بزرگ سان هٿ ملائڻ کان پوءِ برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو هٿ چميو ته ڪراهت ناهي، اعلى حضرت  رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪنهن سان مصافحو ڪيو، پوءِ برڪت جي لاءِ پنهنجو هٿ چميو ته منع ڪرڻ جي ڪا به وجهه ناهي جڏهن ته جنهن سان هٿ ملايو آهي سو انهن هستين مان هجي جن کان برڪت حاصل ڪئي ويندي هجي. ([1]) *مصافحو ڪرڻ وقت سنت اها آهي ته هٿ ۾ رومال وغيره حائل نه هجي، ٻئي هٿ خالي هجن ۽ تَرِيءَ سان تَرِي ملڻ گهرجي.([2]) 

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                     صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! بااخلاق مومن بڻجڻ، خوف خدا ۽ عشق مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم           حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ ذوق ۽ شوق سان حصو وٺو، 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر لاءِ جاڳائڻ  به آهي.

نماز فجر جي لاءِ جاڳائڻ سنت مصطفى آهي،*الله پاڪ جا آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم           فجر جي لاءِ ويندي ستلن کي جاڳائيندا هئا. ([3])     *مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو به اهو ئي


 

 



[1]...جد الممتار،کتاب الحظر و الاباحۃ، باب الاستبراء و غیرہ، جلد: 7، صفحہ:65 ۔

[2]...550سنتیں اور آداب، ص32-34، مکتبۃ المدینہ کراچی ۔

[3]...ابو داؤد، صفحہ:208، حدیث:1264۔