Salam Ko Aam Kijiye

Book Name:Salam Ko Aam Kijiye

تنهنڪري اسان کي سلام کي عام ڪرڻ گهرجي، جن سان ملاقات ٿئي، انهن کي ته سلام ڪرڻو ئي ڪرڻو آهي، ان کان علاوه جيڪي اسان کان پري آهن، جن سان ملاقات نه ٿي سگهندي آهي، انهن تائين به وقتاً فوقتاً سلام پهچائيندو رهڻ گهرجي. اچو ته! ان سلسلي ۾ هڪ خوبصورت واقعو ٻڌون ٿا:

الله پاڪ جا پيارا ۽ آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم           هجرت ڪري مديني منورہ تشريف فرما ٿيا  ته هتي پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم           مهاجرين (يعني هجرت ڪري آيلن) ۽ انصار صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم جي وچ ۾ ڀائيچارو قائم فرمايو، ان سلسلي ۾ حضرت سلمان فارسي ۽ حضرت ابو درداء رَضِیَ اللهُ عَنْہما کي پاڻ ۾ ڀاءُ بڻايو ويو.

ان ئي بنياد تي حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ ۽ حضرت ابو درداء رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  پاڻ ۾ تمام گهڻي محبت ۽ پيار رکندا هئا. سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم           جن جي وصالِ ظاهري کان پوءِ حضرت ابو درداء رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ ملڪِ شام تشريف وٺي ويا ۽ حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ عراق جي شهر مدائن ۾ تشريف فرما ٿيا. ([1])

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته حضرت اشعث بن قيس ۽ حضرت جرير بن عبدالله بَجۡلي رَضِیَ اللهُ عَنْہما ملڪ شام کان عراق آيا، انهن ٻنهي حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کي  پهريان نه ڏٺو هو، هُو پڇندا پڇندا اچي حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي خدمت ۾ پهتا، ان وقت حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ هڪ ننڍڙي خيمي ۾ تشريف فرما هئا، حضرت اشعث بن قيس ۽ حضرت جرير بن عبدالله رَضِیَ اللهُ عَنْہما سلام عرض ڪيو، حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جواب ارشاد فرمايو، هاڻي انهن ٻنهي پڇيو: ڇا توهان ئي سلمان فارسي آهيو؟ فرمايائون: ها! مان سلمان آهيان. پڇيائون: اهو ئي سلمان جيڪو رسول جو صحابي آهي؟ حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمايو: اهو ته مان نه ٿو ڄاڻان ته مان صحابي آهيان يا نه، اهو ٻڌي حضرت اشعث ۽ حضرت جرير رَضِیَ اللهُ عَنْہما ٿورو شڪ ۾ پئجي ويا ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا: شايد اسان جن سان ملڻ چاهيون ٿا، هي اُهي نه آهن. حضرت سلمان فارسي


 

 



[1]...اسد الغابہ، جلد:2، صفحہ:514۔