Salam Ko Aam Kijiye

Book Name:Salam Ko Aam Kijiye

پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان ملندو آهي ۽ ان سان هٿ ملائيندو آهي ته انهن ٻنهي جا گناهه ائين ڇڻندا آهن جيئن تيز آنڌاري ۾ سڪل وڻ جا پن ڇڻندا آهن ۽ انهن ٻنهي جا گناهه بخشيا ويندا آهن توڙي جو سمنڊ جي گَجُ جي برابر هجن. ([1])        *رحمت عالم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم            ارشاد فرمايو: جڏهن ٻه دوست پاڻ ۾ ملندا آهن ۽ مصافحو ڪندا آهن ۽ نبي پاڪ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم           تي درود پاڪ پڙهندا آهن ته انهن ٻنهي جي جدا ٿيڻ کان پهريان انهن جا اڳيان ۽ پويان گناهه بخشيا ويندا آهن. ([2])

الله پاڪ اسان کي سلام  ۽ مصافحو خوب عام ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! شيخ طريقت، امير اہلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  اسان کي نيڪ بڻجڻ جو جيڪو انمول نسخو عطا فرمايو آهي، منهنجو مطلب آهي نيڪ اعمال جو رسالو. ان ۾ به سلام کي عام ڪرڻ جي ترغيب موجود آهي، جيئن نيڪ عمل نمبر: 30. ڇا اڄ توهان گهر، آفيس، بس يا ٽرين وغيره ۾ ايندي ويندي ۽ گهٽين مان لنگهندي رستي ۾ بيٺل يا ويٺل مسلمانن کي سلام ڪيو؟

هن نيڪ عمل کي اپنائڻ جي نيت سان اڄ کان نيت ڪيو ته  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  جڏهن به مسلمان ڀاءُ سان ملاقات ٿيندي، ياد ڪري پورو يعني اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللہِ وَبَرَکَاتُہ چئي سلام به ڪندس ۽ هٿ به ملائيندس.

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. آخر ۾ اچو ته! سلام ۽ مصافحو ڪرڻ جون سنتون سکي وٺون: 

سلام ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

* سلام ڪرڻ وقت دل ۾ اها نيت هجي ته جنهن کي مان سلام ڪري رهيو آهيان ان جو مال ۽ عزت ۽ آبرو سڀ ڪجهه منهنجي حفاظت ۾ آهي ۽ مان انهن مان ڪنهن به شيءِ ۾ دخل اندازي ڪرڻ کي حرام سمجهان ٿو*ڏينهن ۾ جيترا ڀيرا آمهون سامهون ٿيون توڙي ڪنهن ڪمري ۾ بار بار اچڻ وڃڻ ٿئي، اتي


 

 



[1]...شعب الایمان،باب فی مقاربۃ و موادۃاہل الدین ،جلد: 6، صفحہ:473، حدیث:8950۔

[2]...شعب الایمان،باب فی مقاربۃ و موادۃاہل الدین ، جلد: 6، صفحہ:471، حدیث:8944۔