Book Name:Salam Ko Aam Kijiye
انداز هو. ([1]) ۽*مسلمانن جا چوٿان خليفا حضرت علي المرتضى رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ به هن پياري سنت جا عامل هئا. ([2])
*توهان به اها سنت اختيار ڪيو! نماز فجر جي لاءِ جاڳائيندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون حاصل ٿينديون* ٻين کي جاڳائيندا ته پاڻ کي به نماز فجر باجماعت پڙهڻ جي سعادت ملندي*صبح صبح نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو*توهان جي جاڳائڻ سان جيترا ماڻهو نماز پڙهندا، انهن سڀني جي نمازن جو ثواب انهن کي به ملندو ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! توهان جي اعمال نامي ۾ به لکيو ويندو*صبح صبح پيدل هلڻ جو موقعو ملندو ته صحت سٺي رهندي*هڪ اهم فائدو هي آهي ته مسجد جي رونق وڌي ويندي، هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته: اسان سياري ۾ نماز فجر جي لاءِ جاڳائڻ شروع ڪيو ته ايترا نمازي وڌي ويا جو مسجد جي اڱڻ ۾ شاميانه لڳائڻا پئجي ويا. سُبْحٰنَ اللہ!
ڪا مشڪل ڳالهه نه آهي جماعت جي وقت کان 20، 25 منٽ پهريان اٿو! نماز فجر لاءِ ته وڃڻو ئي آهي، صدا لڳائيندا وڃو! مسجد به پهچي ويندﺆ ۽ الله پاڪ جي فضل سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب به ملي ويندو. نيت ڪيو ته! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نماز فجر جي لاءِ جاڳائيندو رهندس. اچو ته توهان جي ترغيب لاءِ هڪ مدني بہار توهان کي ٻڌايان.
فيضانِ مدينه جي لاءِ زمين ملي وئي
هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته: دعوت اسلامي جي قافلي سان گڏ اسان هڪ شهر ۾ وياسين، اذان فجر کان پوءِ اسان فجر جي نماز لاءِ جاڳائڻ وڃي رهيا هئاسين ته اوچتو هڪ گهر مان هڪ ماڊرن نوجوان اسان سان شامل ٿيو ۽ هن فجر جي نماز مسجد ۾ باجماعت ادا ڪئي. بعد ۾ ان نوجوان جا والد صاحب قافلي وارن سان ملڻ لاءِ آيا. اُهي امير شخص هئا. انهن ٻڌايو ته نماز فجر ۾ جاڳائڻ جي برڪت