Book Name:Salam Ko Aam Kijiye
جي زماني ۾ عام طور تي حیَّاکَ اللہ الله (الله توکي زنده رکي) چوندا هئا. اها بهتر دعا آهي، پر اها به حقيقت آهي ته زندگي بغير سلامتي جي عذاب بڻجي ويندي آهي، ڪڏهن ڪنهن بيمار سان ملي ڏسو! هو اوهان کي پنهنجو غم ٻڌائيندو، ڪڏهن اسپتال جو چڪر لڳائي ڏسو! تندرست رهڻ وارا ڪهڙين ڪهڙين تڪليفن ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن، تنهنڪري اسلام اسان کي سيکاريو ته ملاقات جي وقت صرف زندگي جي دعا نه ڏيو! بلڪه چئو: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللہِ وَبَرَکَاتُہ يعني دنيا، قبر، حشر، پل صراط وغيره جتي جتي توهان رهو، هر وقت، هر موقعي تي ۽ هر حال ۾ الله پاڪ جي سلامتي، سندس رحمتون ۽ برڪتون توهان تي وسنديون رهن.
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏي نه خوبصورت دعا آهي...!! پر افسوس! اسان پنهنجن مسلمان ڀائرن کي اها دعا ڏيڻ ۽ انهن کان اهڙي بي مثال دعا وٺڻ بدران، هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندا آهيون. ڪاش! اسان جي مٿان اسلام جو پورو پورو رنگ چڙهي وڃي ۽ اسان نَنهَن کان چوٽِيءَ تائين مڪمل طور تي اسلام جي تعليمات ۾ رنڱجي وڃون.
ترمذي شريف ۾ روايت آهي: پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو غير مسلمن سان مشابہت اختيار ڪري اهو اسان مان نه آهي. تنهنڪري غير مسلمن جا طريقا اختيار نه ڪيو! ڪجهه غير مسلم رڳو آڱرين جي اشاري سان سلام ڪندا آهن، ڪجهه هٿ جي اشاري سان ڪندا آهن (توهان انهن ٻنهي طريقن کان بچو...!!) ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث پاڪ ۾ ته پياري آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم اسان کي صاف طور تي فرمايو ته غير مسلمن جي سلام جو طريقو توهان هرگز نه اختيار ڪيو! پوءِ ان ۾ وَعِيد (تنبيهه) ڏسو ته ڪيتري سخت آهي، فرمايائون: جيڪو غير مسلمن جو طريقو اختيار ڪري، سو اسان مان نه آهي.
آه! افسوس! الله نه ڪري، جيڪڏهن خدا جا محبوب، اسان جي شفاعت ڪرڻ