Book Name:Salam Ko Aam Kijiye
افسوس! اسان جي معاشري ۾ سلام کي اهميت ناهي ڏني ويندي هڪ ته ماڻهو سلام ڪندا ئي نه آهن*جي ڪندا آهن ته انهن کي صحيح طريقي سان سلام ڪرڻ ئي نه ناهي ايندو*ڪو سَامَا لَیْکُم چوندو آهي*ڪو سَلَامَا لَیْکُم چوندو آهي، بس جيترا وات آهن، اوتريون ڳالهيون آهن. ڪاش! اسان صحيح طريقي سان سلام ڪرڻ سکي به وٺون ۽ سلام کي عام ڪرڻ وارا به بڻجي وڃون*پوءِ سلام صحيح طريقي سان ڪيون يا غلط طريقي سان، هي هڪ الڳ الميو آهي جو اسان سلام صرف پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن کي ڪندا آهيون، اڻڄاڻ کي نه ڪندا آهيون. ياد رکو! اها قيامت جي نشانين مان هڪ نشاني آهي، جي ها! حديث پاڪ ۾ آهي: قيامت جي نشاني مان آهي هڪ زمانو اهڙو ايندو جو ماڻهو صرف پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن کي سلام ڪندا. ([1])
افسوس! هاڻي هي انداز اسان کي ڏسڻ ۾ اچي رهيو، بلڪه اڻڄاڻ ته ڇا، هاڻي ته اهو انداز آهي جو ماڻهو پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن کي به تمام گهٽ سلام ڪندا آهن. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي، اسان کي سلام کي عام ڪرڻ گهرجي.
حضرت عبدالله بن سلام رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا: مون مديني منوره ۾ آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم جي مبارڪ زبان مان سڀ کان پهريون جيڪو ڪلام ٻڌو، اهو هي هو: یَا اَیُّہَا النَّاسُ! اي انسانو اَفْشُوا السَّلَامَ سلام کي عام ڪيو! وَ اَطْعِمُوا الطَّعَامَ کاڌو کارايو! وَ صَلُّوْا بِالَّیْلِ وَالنَّاسُ نِیَامٌ ۽ رات جو جڏهن ماڻهو سُتل هجن ان وقت نماز پڙهو تَدْخُلُوا الْجَنَّۃَ بِسَلَامٍ (توهان اهي ٽي ڪم ڪندﺆ ته سلامتي سان جنت ۾ داخل ٿي ويندﺆ. ([2])