Book Name:Salam Ko Aam Kijiye
سان ايتري آواز ۾ جواب ضرور ڏيو جو سامهون وارو ٻڌي وٺي. جيترن لفظن سان ان سلام ڪيو آهي گهٽ ۾ گهٽ ايترا ئي لفظ ته جواب ۾ ضرور چئو! افضل اهو آهي ته جواب ۾ الفاظ وڌايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! وڌيڪ نيڪيون ملنديون.
هڪ صحابي آهن: حضرت ابو راشِد عبدالرحمٰن رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ اُهي جڏهن پهريون دفعو بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، فرمائن ٿا ته مان ان وقت ننڍي عمر ۾ هئس. بارگاههِ رسالت ۾ پهچي مون عربن جي عادت مطابق چيو: اَنْعِمْ صَبَاحًا (توهان جو صبح سٺو ٿئي، انگريزي ۾ ان جو ترجمو ٿيندو: Good Morning) پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم فرمايو: اِهو ته مسلمانن جو سلام ناهي. مون عرض ڪيو: پوءِ ڪيئن سلام ڪيان؟ فرمايائون: جڏهن مسلمانن سان ملو ته چئو: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللهِ پوءِ انهن ائين ئي عرض ڪيو، تڏهن ئي پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم جواب ارشاد فرمايو. ([1])
اهڙي طرح هڪ ڀيرو هڪ غير مسلم بارگاهِه رسالت ۾ آيو، ان پنهنجي دستور مطابق چيائين: اَنْعِمْ صَبَاحًا توهان جو صبح سٺو ٿئي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ اسان کي ان کان بهتر انداز ۾ سلام سان عزت بخشي آهي، اسان جي تَحِیَّت (يعني ملاقات جو ادب) سلام آهي. اِهو ئي انداز اهلِ جنت جو به آهي. ([2])
اسلامي سلام سڀني طريقن کان بهتر آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! افسوس! هاڻي مسلمان پنهنجو طريقو ڇڏيندا پيا وڃن، ڪيترائي مسلمان آهن جيڪي ماڊرن بڻجڻ جي چڪر ۾ سلام ڪرڻ جي سنت ڇڏي چڪا آهن، جڏهن پاڻ ۾ ملندا آهن ته*هاءِ!*How Are You*ڪڏهن