Salam Ko Aam Kijiye

Book Name:Salam Ko Aam Kijiye

سلام پهچائڻ واجب آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي معاشري ۾ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اڃان تائين اهو رواج موجود آهي ته جڏهن به ڪو مهمان پنهنجي گهر واپس وڃڻ لڳندو آهي ته چيوويندو آهي: سڀني کي منهنجا سلام ڏجو. اها تمام سٺي عادت آهي، پر ان معاملي ۾ هڪ مسئلو ذهن نشين ڪري ڇڏيو! بہار شريعت، حصو 16، صفحو 106 تي آهي: ڪنهن کي چيو ويو ته فلاڻي کي منهنجو سلام چئجان، ته ان تي سلام پهچائڻ واجب آهي ۽ جڏهن اهو شخص سلام پهچائي ته سامهون وارو هينئن جواب ڏئي:        عَلَیْکَ وَعَلَیْہِ السَّلَام۔ 

بہار شريعت ۾ ئي آهي: اهو سلام پهچائڻ ان صورت ۾ واجب آهي، جڏهن هن چيو هجي ته ها مان توهان جو سلام پهچائيندس، ان صورت ۾ سلام ان وٽ امانت آهي، جيڪو ان جو حقدار آهي (يعني جنهن جي نالي جو سلام آهي) ان تائين پهچائڻو ئي پوندو. عام طور تي حاجين کي ماڻهو اهو چوندا آهن ته حضور اقدس صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم           جي دربار ۾ منهنجي طرفان سلام عرض ڪجو، اهو سلام پهچائڻ به  واجب آهي. ([1])  

بَزبانِ زائریں تو میں سلام بھیجتا ہوں          کبھی خود سلام لاتاتو کچھ اور بات ہوتی ([2])

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                     صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

گناهه مِٽائڻ وارو آسان عمل

 پيارا اسلامي ڀائرو! سلام هٿ ملائڻ کان سواءِ به ٿي سگهي ٿو، البته مُصَافَحَہ (يعني هٿ ملائڻ) به سنت آهي. اهو نيڪ عمل به اختيار ڪرڻ گهرجي. هڪ دفعي حضرت مجاهد  رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمايو: الله پاڪ جي رضا خاطر پاڻ ۾ محبت رکڻ وارا، جيڪي پاڻ ۾ ڀائيچارو رکن، جڏهن انهن مان هڪ ٻئي ڏانهن هلندو آهي،


 

 



[1]... بہار شریعت، جلد:3، صفحہ:465، حصّہ:16۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:385۔