Book Name:Salam Ko Aam Kijiye
اي عاشقانِ رسول! شوّال شريف جو مهينو جاري آهي. خوش نصيب مسلمان هن مهيني ۾ عيد الفطر کان بعد 6 روزا رکڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن. اچو انهن روزن جا فضائل ٻڌون ٿا ته جيئن اسان جو اهي روزا رکڻ جو ۽ انهن جي برڪتن مان فيضياب ٿيڻ جو ذهن بڻجي۔
جيئن حديث پاڪ ۾ آهي. جنهن رمضان جا روزا رکيا پوءِ ڇهه ڏينهن شوال ۾ رکيا ته گناهن کان ائين نڪري ويو جيئن اڄ ئي ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو آهي۔ ([1])
2. جنهن رمضان جا روزا رکيا وري ان کان بعد ڇهه شوال ۾ رکيائين۔ ته ائين آهي جيئن دَهر جا (يعني سڄي عمر جا) روزا رکيا “ ([2]) خليلِ ملّت حضرت علامه مولانا مفتي محمد خليل خان قادري برڪاتي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: هي روزا عيد کان پوءِ لڳاتار رکيا وڃن تڏهن به حرج ناهي ۽ بهتر هي آهي ته متفرق (يعني وقفو ڪري) رکيا وڃن يعني هر هفتي ۾ ٻه روزا ۽ عيد الفطر جي ٻئي ڏينهن هڪ روزو رکي وٺي ۽ پوري مهيني ۾ رکي ته اڃان به مناسب معلوم ٿئي ٿو۔ ([3])
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
*هر ڇنڇر تي اميرِ اہلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ ڇنڇر تي به رات جي وقت مدني چينل تي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ شيخ طريقت، امير اہلسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه سوالن جا جواب به عنايت