Book Name:Salam Ko Aam Kijiye
اها به وڏي دلچسپ ڳالهه آهي، سلام ڪرڻ سنت آهي ۽ جواب ڏيڻ واجب آهي، پر هيءَ اها سنت آهي جنهن جو ثواب واجب کان وڌيڪ آهي. جي ها! مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جڏهن ٻه مسلمان ملاقات ڪندا آهن ۽ انهن مان هڪ پنهنجي ساٿي کي سلام ڪندو آهي ته انهن ٻنهي مان الله پاڪ جي نظر ۾ وڌيڪ محبوب اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي ساٿي سان وڌيڪ گرمجوشيءَ سان ملندو آهي، پوءِ جڏهن اهي هٿ ملائيندا آهن ته انهن تي 100 رحمتون نازل ٿينديون آهن انهن مان 90 رحمتون (سلام ۾) اڳرائي ڪرڻ واري جي لاءِ ۽ 10 هٿ ملائڻ واري جي لاءِ آهن. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي طريقو به اسان کي اپنائڻ گهرجي! اهو پنهنجو پڪو ذهن بڻائي ڇڏيو ته جڏهن به ڪنهن سان ملاقات ٿيندي، سلام ۾ اڳرائي مون کي ئي ڪرڻي آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ جو وڌيڪ مقرب اهو آهي جيڪو سلام ۾ اڳرائي ڪندو آهي. هڪ ڀيري پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ سوال ڪيو ويو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! سلام ۾ اڳرائي ڪنهن کي ڪرڻ گهرجي؟ فرمايائون: جيڪو الله پاڪ جو وڌيڪ قرب رکڻ وارو آهي.
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏو نه شان آهي...!! الله پاڪ جو قرب حاصل ڪرڻ جو آسان ترين ذريعو آهي، سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ جي عادت اختيار ڪيو، الله پاڪ توهان کي پنهنجو قرب عطا فرمائيندو.
سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ عاجزي جي نشاني آهي
ذهن ۾ اچي رهيو هوندو ته ايتري آسان عمل تي ايڏو وڏو اجر ڪيئن ملي سگهي ٿو...؟ اصل ۾ اهو آسان عمل نه آهي، اهو مشڪل ڪم آهي. سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ جي لاءِ عاجزي گهرجي، ڪيترائي دفعا ائين ٿيندو آهي جو ٻانهو پنهنجي انا جي ڪري اها نيڪي نه ڪري سگهندو آهي* ڪڏهن ڪڏهن دل ۾