Book Name:Salam Ko Aam Kijiye
مان مراد سلام آهي. ([1]) يعني جڏهن توهان سلام ڪندﺆ ته توهان جو سلام محبت سان ڀريل تير بڻجي سامهون واري جي دل تي لڳندو ۽ محبت وڌائيندو.
ہَوَس نے کر دیا ہے ٹکڑے ٹکڑے نوعِ انساں کو
اَخُوَّت کا بیاں ہو جا! محبت کی زباں ہو جا!
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ عام طور تي ائين ٿيندو رهندو آهي؛ ڪڏهن ڪڏهن گهر ۾ ٻار پاڻ ۾ وڙهي پوندا آهن ته والدين انهن کي به چوندا آهن: اچو! پٽ...!! پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سلام ڪيو! هٿ ملايو! ڀاڪر پايو...!! ائين ئي جيڪڏهن وڏن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿئي، ڪنهن مسئلي تي تڪرار ٿي پوي ته اها ڳالهه تجربي مان ثابت آهي ته جنهن سان جهيڙو ٿيو هجي ان کي مسڪرائي خوشيءَ سان سلام ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي دل نرم ٿي ويندي.
ٿورو غور ڪيو! اسان جيڪي ملاقات جي وقت هيڏانهن هوڏانهن جا جملا ڳالهائيندا آهيون، غير مسلمن جو نقل ڪندا آهيون، ڇا انهن جملن ۽ اندازن ۾ به اهڙو تاثير آهي...؟ نه آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اهو رڳو اسلامي سلام جو ئي ڪمال تاثير آهي جو هيڏانهن زبان سان سلام ڪيو! هوڏانهن دل تي اثر ڪري محبت وڌائيندو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! افسوس! اڄ معاشري ۾ بدامني ۽ بي سڪوني وڌي رهي آهي، هر هڪ گهر جنگ جو ميدان بڻيل آهي*ڀاءُ ڀاءُ کان منهن موڙي رهيو آهي*اولاد معاذ الله! ماءُ پيءُ جي مخالف ٿي رهي آهي*ڪنهن جي چاچي سان نه ٿي لڳي*ڪو پڦيءِ کان رٺل آهي*ڪو ماسيءَ کان ڪاوڙيل آهي*ڪنهن کي مامو زهر لڳي رهيو آهي*پاڙيسرين جا پاڻ ۾ جهيڙا آهن*هڪ ئي گهر، هڪ ئي گهٽي، هڪ ئي محلي ۾ رهڻ وارا پاڻ ۾ نفرتن ۽ دورين جو شڪار آهن. خبر اٿَوَ ان جو سبب ڇا آهي؟ ان جو هڪ بنيادي سبب سلام جي سنت تي عمل نه ڪرڻ به آهي.