Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
يعني انهن جنتن ۾ ميون سان ڀريل باغ آهن، هر ٽاري تي قِسم قِسم جا ميوا لڳل آهن. [1]
فِیْهِمَا عَیْنٰنِ تَجْرِیٰنِۚ(۵۰) (پارہ:27، الرحمٰن:50)
ترجموڪنزالعرفان: انهن ۾ ٻه چشما وهي رهيا آهن.
يعني انهن ٻنهي جنتن ۾ صاف ۽ مٺي پاڻيءَ جا 2 چشما وهي رهيا آهن، هڪ چشمي جو نالو: تَسۡنِيۡم آهي. هڪ جو نالو: سَلۡسَبِيۡل آهي. [2]
فِیْهِمَا مِنْ كُلِّ فَاكِهَةٍ زَوْجٰنِۚ(۵۲) (پارہ:27، الرحمٰن:52)
ترجموڪنزالعرفان: انهن ٻنهي جنتن ۾ هر ميوي جا ٻه ٻه قِسم آهن.
يعني انهن جنتن ۾ 2 قسم جا ميوا آهن، ڪجھ اهڙا آهن جهڙا ميوا دنيا ۾ به ڏٺا ويا ۽ ڪجھ اهڙا نرالا آهن جيڪي ڪڏهن ڪنهن نه ڏٺا.[3]
سُبْحٰنَ اللہ! اهڙيون بي مثال جنتون آهن، ڪنهن جي لاءِ؟ جيڪو الله پاڪ کان ڊڄي ۽ ڊڄي ڪري گناھ ڇڏي ڏي.
مِرے اَشک بہتے رہیں کاش ہر دم ترے خوف سے یاخدا یاالٰہی!
ترے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ میں تھرتھر رہوں کانپتا یاالٰہی!
گناہوں نے میری کمر توڑ ڈالی مِرا حشْر میں ہو گا کیا یاالٰہی! ([4])
مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي مبارڪ دور جو ذڪر آهي. هڪ نوجوان تمام متقي ۽ پرهيزگار هو. حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ به