Gunnah Chorne Ka Inaam

Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam

انهن جي عبادت ڏسي حيران ٿيندا هئا. اهو نوجوان جڏهن نمازِ عشاء پڙهي گهر واپس ويندو هو ته رستي ۾ هڪ خوبصورت عورت اُن کي پنهنجي طرف سڏيندي هئي پر اهو نيڪ نوجوان بلڪل به ڌيان نه ڏيندو هو، نگاهون جھڪائي رستي تان هليو ويندو هو. هڪ ڏينهن جڏهن اهو نوجوان رستي تان لنگهيو ته ان عورت ان کي سڏيو ته اهو نوجوان به ان جي طرف مائل ٿي ويو.  پر جيئن ئي هو ان عورت جي ويجهو پهتو، کيس الله پاڪ جو هي فرمان ياد اچي ويو:

اِنَّ الَّذِیْنَ اتَّقَوْا اِذَا مَسَّهُمْ طٰٓىٕفٌ مِّنَ الشَّیْطٰنِ تَذَكَّرُوْا فَاِذَاهُمْ مُّبْصِرُوْنَۚ(۲۰۱) (پارہ:9، الاعراف:201)

ترجموڪنزالعرفان:  بيشڪ پرهيزگارن کي جڏهن شيطان جي طرف کان ڪو خيال ايندو آهي ته اُهي(خُدا جو حُڪم) ياد ڪندا آهن پوءِ انهيء وقت انهن جون اکيون کلي وينديون آهن.

هن آيتِ ڪريمه جي ياد ايندي ئي ان جي دل تي الله پاڪ جو خوف غالب اچي ويو ۽ هو بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيو.

جڏهن هي ڪافي دير تائين گهر نه پهتو ته اُن جو پوڙهو پيءُ ڳولڻ لاءِ نڪتو ۽ انهيءَ جاءِ تي پهتو جتي هو بيهوش پيو هو پيءُ اُن کي ڪلهن تي گهر  کڻي  آيو. جڏهن نوجوان کي هوش آيو ته اُن پنهنجي والد کي سڄو واقعو ٻڌايو، واقعو ٻڌائيندي ٻڌائيندي جڏهن اُن ٻيهر اها آيتِ مبارڪه پڙهي ته ٻيهر خوفِ خدا غالب اچي ويو، ان هڪ زوردار رڙ ڪئي ۽ سندس روح بدن مان نڪري ويو. رات جو ئي غسل ۽ ڪفن جو انتظام ڪري کيس دفن ڪيو ويو. جڏهن صبح ٿي ته حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي هي سمورو واقعو معلوم ٿيو ته حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ نوجوان جي قبر تي پهتا ۽ هي آيتِ مبارڪه تلاوت فرمائي:

وَ لِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ جَنَّتٰنِۚ(۴۶) (پارہ:27، الرحمٰن:46)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪو پنهنجي ربّ جي حضُور بيهڻ کان ڊڄي ان جي لاءِ ٻه جنتون آهن.  

قبر مان اُن نوجوان جواب ڏيندي چيو: اي اميرالمؤمنين! بيشڪ منهنجي ربّ مون کي 2 جنتون عطا فرمايون آهن.[1]  


 

 



[1]... تاریخ مدینہ دمشق، جلد:45، صفحہ:450۔