Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
غضب فرمايو، منهنجي گناهن تي منهنجي پڪڙ فرمائي ۽ مون کي دوزخ ۾ اُڇلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ته پوءِ منهنجو ڇا بڻجندو...؟؟
گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہوگی ہائے! میں نارِجہنم میں جلوں گا یاربّ!
دردِ سر ہو یا بخار آئے تڑپ جاتا ہوں میں جہنم کی سزا کیسے سَہوں گا یاربّ!
ڈنک مچھر کا سَہا جاتا نہیں، کیسے میں پھر قبر میں بچھّو کے ڈنک آہ سہوں گا یاربّ!
گُھپ اندھیرے کا بھی وَحشت کا بسیرا ہوگا قبر میں کیسے اکیلا میں رہوں گا یاربّ!([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي ربّ ڪريم جي حضور حاضري جو هڪ تصَوُّر آهي. ڪاش! جڏهن به اسان جي دل گناھ جي طرف مائل ٿئي ته اسان کي هي حاضري ياد اچي وڃي، ربّ رحمٰن جي حضور بيهڻ ياد اچي وڃي ۽ اسان ڊڄي ڪري، ربّ رحمٰن کان شرمائي ڪري گناھ ڇڏڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون. گهٽ ۾ گهٽ ايترو به خوفِ خدا نصيب ٿي وڃي ته اسان جي زندگي سنورجي سگهي ٿي. هي ئي اهو خوف آهي جنهن تي ٻه جنتن جو وعدو فرمايو ويو آهي.
حضرت ڪعب الاَحۡبَار رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي: جنّت ۾ زُمُرد ۽ موتي سان ٺهيل عظيم الشان محل آهي، اُن ۾ 70 هزار گهر آهن، هر گهر ۾ 70 هزار ڪمرا آهن، هن عظيم الشان محل ۾ انبياءِ ڪرام عَـلَيْـهِمُ الـسَّـلاَم هوندا، صديقَ هوندا، شهيد هوندا، انصاف ڪرڻ وارا بادشاھ هوندا ۽ اهو شخص هوندو جيڪو مُحَڪَّم هجي. عرض ڪيو ويو: مُحَڪَّم ڪير آهي؟ فرمايائون: اهو شخص جنهن کي حرام ڪم جي دعوت ڏني وڃي پر اهو خوفِ خُدا جي ڪري حرام ڪم کان رُڪجي وڃي.[2]
ترے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ میں تھر تھر رہوں کانپتا یاالٰہی!([3])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد