Gunnah Chorne Ka Inaam

Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam

اختيار ڪندو(يعني الله جي خوف سبب گناھ ڇڏي ڏيندو) آهي وَاَحْمَقَ الْحُمْقِ الْفُجُورُ     ۽ سڀني کان وڏو بيوقوف اهو آهي جيڪو گناہ ڪندو آهي.

الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي، ڪاش اسان گناهن کان بچڻ وارا بڻجي وڃون.

گناه ڇڏڻ جو انعام

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ لِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ جَنَّتٰنِۚ(۴۶) (پارہ:27، الرحمٰن:46)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪو پنهنجي ربّ جي حضُور بيهڻ کان ڊڄي ان جي لاءِ ٻه جنتون آهن.

   حضرت مجاهد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا عالم ۽ تابعي بزرگ هئا، پاڻ فرمائن ٿا: هن آيتِ ڪريمه جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن ڪو ٻانهو گناہ جو ارادو ڪري، پوءِ اُن کي الله پاڪ جي حضور پيش ٿيڻ (قيامت جي ڏينهن هر عمل جو حساب ڏيڻ) ياد اچي ۽ هو الله جي خوف سبب گناه جو ارادو ڇڏي ڏي، گناھ کان رُڪجي وڃي ته اهڙي خوش نصيب ٻانهي لاءِ ٻه جنتون آهن.[1]

هڪ جنت خوفِ خُدا جي بدلي ۽ ٻي نفساني خواهشون ڇڏڻ جو صلو آهي.([2])

 سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! الله پاڪ کان ڊڄي ڪري، ان جي حضور حاضري ٿيندي، ان ڳالهه کي ياد ڪري جيڪو ٻانهو گناھ کان بچي وڃي، ان جو ڪيڏو زبردست انعام آهي، اهڙي خوش نصيب کي ٻه جنتون عطا ڪيون وينديون، اهي جنتون به ڪيتريون عاليشان هونديون؟ ٻڌو! الله پاڪ فرمائي ٿو:

ذَوَاتَاۤ اَفْنَانٍۚ(۴۸)   (پارہ:27، الرحمٰن:48)

ترجموڪنزالعرفان: شاخن واريون آهن.


 

 



[1]... تفسیر درمنثور، پارہ:27، الرحمٰن، زیر آیت:46، جلد:7، صفحہ:706۔

[2]...تفسیر خازن، پارہ:27، الرحمٰن، زیر آیت:46، جلد:4، صفحہ:230۔