Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
هڪ روايت ۾ هڪ پرهيزگار ٻانهي جي وڏي فضيلت بيان ٿي آهي، جيئن ته امام ابنِ ابي دنيا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه روايت لکن ٿا: قيامت جي ڏينهن هڪ (پرهيزگار) ٻانهي کي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پيش ڪيو ويندو، ان کي نور پنهنجي گهيري ۾ وٺي ڇڏيندو، هاڻي اهو ماڻهن جي نگاهن کان اوجهل ٿي ويندو. ان کي اعمال نامو ڏنو ويندو، اُن ۾ ننڍا ننڍا گناھ ته لکيل هوندا پر وڏا گناھ جيڪي ان کي ياد هوندا، اعمال نامي ۾ موجود نه هوندا. هڪ ملائڪ کي مهر بند اعمال نامو ڏنو ويندو ۽ حڪم ٿيندو: منهنجي ٻانهي کي جنت ڏانهن وٺي وڃو! جڏهن اهو ٻانهو پلصراط تان گذرندي آخري ڪناري جي ويجهو پهچندو، تڏهن ان کي اهو مهر بند اعمال نامو ڏجو. سو ملائڪ ان ٻانهي کي جنت ڏانهن وٺي هلندو، جڏهن اهو پل صراط جي آخري ڪناري تي پهچندو تڏهن ان کي مهر بند اعمال نامو ڏنو ويندو. ٻانهو جڏهن پنهنجو اعمال نامو کوليندو ته ان ۾ اهي اعمال به لکيل هوندا، جن کي اهو ڄاڻندو هو. ملائڪ چوندو: مون کي خبر ناهي ته هن ۾ ڇا لکيل آهي، مون کي ته مهر بند اعمال نامو ڏنو ويو هو ۽ الله پاڪ فرمايو آهي: اي منهنجا پيارا ٻانها! تنهنجي عزت افزائي لاءِ تنهنجي انهن عملن جو حساب نه ورتو ويو.[1]
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! هيءَ ڪهڙي ڪرم نوازي آهي! جيڪو ٻانهو هن دنيا ۾ گناهن کان بچندو آهي، پرهيزگاري اختيار ڪندو آهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قيامت جي ڏينهن ان جي عزت وڌائي ويندي. بشري تقاضن سبب جيڪي گناھ ان کان سرزد ٿيا هوندا، اهي فرشتن کان به لڪايا ويندا ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پرهيزگار ٻانهي کي بغير حساب جنت ۾ داخل ڪيو ويندو.
الله پاڪ اسان کي توفيق بخشي، ڪاش! اسان به گناهن کان بچڻ وارا بڻجي وڃون. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم