Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
آئیں گی سنّتیں جائیں گی شامَتیں دینی ماحول میں کر لو تم اعتِکاف
تم سدھر جاؤ گے، پاؤ گے برکتیں دینی ماحول میں کر لو تم اعتِکاف
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! توهان جي پنهنجي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي، هن وقت 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! Aڪنزالمدارس بورڊ جي نالي سان دعوتِ اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ آهي. A تقريباً 16 هزار 500 کان وڌيڪ جامعات و مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) قائم آهن، جن ۾ حفظ و ناظرہ، عالِم ڪورس (درسِ نظامي)، مختلف تخصصات (Specialization)، فرائض علوم ڪورسَ ڪرايا پيا وڃن. A جامعات ۽ مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) جي طلبا جو تعداد 5 لک 30 هزار کان وڌيڪ آهي. A وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي قرآنِ ڪريم جي تعليم ڏيڻ لاءِ تقريباً 74 هزار 887 کان وڌيڪ مدارس المدينه بالغان ۽ بالغات قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ پڙهڻ وارن جو تعداد تقريباً 4 لک 26 هزار کان وڌيڪ آهي. A فيضان آن لائن اڪيڊمي ذريعي تقريباً 24 هزار طلبه ۽ طالبات ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. A هن وقت تقريباً 21 دارالافتاء اهل سنت قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ شرعي رهنمائي جو تعداد ماهوار اوسطاً 20 هزار آهي. A المدينة العلميه (اسلامڪ ريسرچ سينٽر) ذريعي ديني لٽريچر تي تحقيقي ڪم جاري آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هن شعبي تحت هن وقت تائين 1784 ڪتابن ۽ رسالن تي ڪم ٿي چڪو آهي، ۽ هن شعبي ۾ ڪيترا ئي مدني عالمَ سڳورا خدمت انجام ڏئي رهيا آهن، الله پاڪ جي ڪرم سان دعوتِ اسلامي انهن مدني عالمن کي باقاعده تنخواهون ڏئي رهي آهي. A ديني لٽريچر جي اشاعت لاءِ دعوتِ اسلامي پنهنجو اشاعتي ادارو مڪتبة المدينه قائم ڪيو آهي، جتي بهترين ۽ خوبصورت انداز ۾ ڪتابن جي اشاعت ڪئي ويندي آهي، تقسيم رسائل (يعني مختلف ڪتابَ ۽ رسالا مفت ۾ ورهائڻ) جو به سلسلو جاري آهي ۽ ڪتابن جي وڪري جو ڪم به ڪيو ويندو آهي. A سڄي دنيا