Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
حياء ايمان جو حصو آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو! باحياء نوجوان، الله پاڪ جي خوف ۽ گناهن کان نفرت جي برڪت سان پاڻ کي نافرماني کان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔ هن مان معلوم ٿيو ته گناهن کان بچڻ لاءِ حيا ڏاڍو مؤثر آهي۔ الله پاڪ حياء جي دولت عطا فرمائي ته انسان گناھ تي قادر هجڻ جي باوجود برائين کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي. ڪاش! اسان کي به هي دولت نصيب ٿي وڃي، ڪاش! الله پاڪ جو خوف، ان جي بارگاھ ۾ حاضري جو خوف ۽ حياء نصيب ٿي وڃي. حديث شريف ۾ آهي: حياء ايمان مان آهي.[1] هڪ ٻي حديث شريف ۾ فرمايو: بيشڪ حياء ۽ ايمان ٻئي پاڻ ۾ مليل آهن جڏهن هڪ کڄي وڃي ته ٻيو به کنيو ويندو آهي.[2]
ويلنٽائن ڊي يعني بي حيائي جو ڏينهن
الله پاڪ اسان کي حياء جي دولت نصيب فرمائي. اڄڪلھ حالات تمام برا ٿي ويا آهن، حياء ته ڄڻ آهستي آهستي ختم ئي ٿيندو پيو وڃي، مثال طور 14 فيبروري تي ويلنٽائن ڊي جي نالي تي اهڙيون بي حيائيون ٿينديون آهن جو اَلْاَمَانْ وَالْحَفِیْظ...!! ڇوڪرا ڇوڪريون پاڻ ۾ ملندا آهن * محبتن جو اظهار ٿيندو آهي * تحفن جو ڏيڻ وٺڻ ٿيندو آهي ۽ مَعاذ الله! خوب فحاشي جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي. شراب پيتا ويندا آهن ۽ نه ڄاڻ ڪهڙا ڪهڙا گناھ ڪيا ويندا آهن. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي، پيارا اسلامي ڀائرو! يقين مڃو! بي پردگي، ڇوڪرن ڇوڪرين جو ايئن بي حيائي ڪرڻ سخت ڪبيره گناھ آهي، الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
قُلْ لِّلْمُؤْمِنِیْنَ یَغُضُّوْا مِنْ اَبْصَارِهِمْ وَ یَحْفَظُوْا فُرُوْجَهُمْؕ (پارہ:18، سورۂ نور:30)
ترجموڪنزالعرفان: مسلمان مَردن کي حڪم ڏي ته پنهنجون نظرون ڪجھه جھڪيون رکن ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن.