Gunnah Chorne Ka Inaam

Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam

آهي. * حرام ٻڌڻ گُناہ آهي. * عشق مجازي ۾ پئجي ڪري بي شرمي ۽ بي حيائي جا ڪم ڪرڻ گُناہ آهي. مطلب ته هي اهي ڳالهيون آهن جن جو گُناھ هجڻ واضِح آهي، انهن کي ته ڇڏڻو ئي ڇڏڻو آهي. وَرَع ان کان اڳتي جي شيءِ آهي، اها ڇا آهي؟ هڪ ڪم آهي جيڪو واضِح معلوم نه آهي ته گُناھ آهي يا ناهي، شڪ آهي يا پوءِ اهو خطرو آهي ته جيڪڏهن مان هن ڪم ۾ پئجي ويس ته ان جي سبب گُناھ تائين وڃي پهچندس. مثلاً: فيس بُڪ جو استعمال. اهو سٺو به ٿي سگهي ٿو، بُرو به ٿي سگهي ٿو، پر جڏهن ڪنهن ٻانهي کي ٽيڪنالوجي جو پتو نه هجي، اسلامي نگاھ سان ان جي سٺي سيٽنگ نه ڪري سگھندو هجي، ان کي معلوم آهي ته مان فيس بڪ کوليندس ته بدنگاهين کان بچڻ مشڪل ٿي ويندو، هاڻي اُن شُبهن جي ڪري جو فيس بُڪ تي بدنگاهي کان بچڻ ڏکيو ٿي ويندو، تنهن ڪري هو فيس بُڪ نٿو هلائي، اهو وَرَع آهي. پرهيزگاري آهي. پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ  عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: پرہيزگار ٿي وڃو! سڀني کان وڏا عبادت گذار بڻجي ويندؤ[1].

الله پاڪ جا محبوب ٻانها

 هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: ڪالھ قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جا محبوب ٻانها اهلِ وَرَع(يعني پرهيزگار) هوندا.[2]

سڀني کان افضل ڪير؟

هڪ دفعي مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ماڻهن کان پڇيو: اَیُّ النَّاسِ اَفْضَلُ  ؟ سڀ کان افضل انسان ڪير آهي؟ ماڻهن چيو: نمازي. فرمايائون: نماز پڙهڻ وارو ڪڏهن ڪڏهن گناھ به ڪندو آهي، نيڪيون به ڪندو آهي. (يعني اهو به ته ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو نماز ته پڙهندو آهي پر ٻين ڪيترن ئي گناهن ۾ مبتلا آهي، لهٰذا صرف نمازي هجڻ ئي افضل هجڻ جي علامت ناهي.)


 

 



[1] موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الوراع، جلد:1، صفحہ:195، حدیث:3۔

[2] موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الوراع، جلد:1، صفحہ:197، حدیث:15