Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
مشڪوٰة شريف ۾ آهي، باحياء نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: لَعَنَ اللَّهُ النَّاظِرَ وَالْمَنْظُورَ إِلَيْهِ يعني ڏسڻ واري ۽ جنهن جي طرف ڏٺو ويو انهن ٻنهي تي الله پاڪ لعنت فرمائيندو آهي.[1]
يعني جيڪو ڄاڻي واڻي غير مَحۡرَم کي ڏسي ۽ جيڪو غير مَحۡرم ڄاڻي واڻي پنهنجو پاڻ کي ڏيکاري، انهن ٻنهي تي الله پاڪ جي لعنت آهي.[2]
ابوداؤد شريف جي حديث پاڪ ۾ آهي: وَالْيَدَانِ تَزْنِيَانِ فَزِنَاهُمَا الْبَطْشُ، وَالرِّجْلَانِ تَزْنِيَانِ فَزِنَاهُمَا الْمَشْيُ ۽ هٿ زنا ڪندا آهن ۽ انهن جو زنا (حرام کي) پڪڙڻ آهي ۽ پيرَ زنا ڪندا آهن ۽ انهن جو زنا (حرام جي طرف) هلڻ آهي.[3]
اسان وٽ ڪجھ ماڻهو جيڪي مذهبي ذهن رکندا آهن، انهن جو اهو ذهن بڻجندو آهي ته اسان ويلنٽائن ڊي کي بي حيائي جي طور تي نه بلڪ چڱي انداز سان ملهائيندا آهيون، اهو ايئن ته اسان اُن ڏينهن تي پنهنجي ٻارن جي ماءُ کي گُل ڏيون، پنهنجي امڙ سائڻ کي گُل ڏئي انهن جي دل خوش ڪيون. هي به نه ڪرڻ گهرجي. حديث پاڪ ۾ آهي: مَنْ كَثَّرَ سَوَادَ قَوْمٍ فَهُوَ مِنْهُمْ جنهن ڪنهن قوم جي تعداد وڌائي، اهو انهيءَ مان آهي.[4]
لهٰذا هن ڏينهن گُل خريد ڪرڻ ۽ هن طرح جي ڪمن کان پري رهڻ گهرجي، هونئن به خاص طور تي 14 فيبروري تي گُل وغيره خريد ڪرڻ بدگُماني جو سبب بڻجي سگهي ٿو، بُزرگ فرمائن ٿا: اِتَّقُوْا مَوَاضِعَ التُّهَمِ يعني تهمت جي جڳهن کان بچو..!! ([5]) لهٰذا ويلنٽائن ڊي ۾ ڪنهن طرح به پنهنجو حصّو نه شامل ڪيو! الله پاڪ اسان