Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪو الله پاڪ کان ڊڄندو ۽ گناهن کان بچي ويندو آهي، اُن کي وڌيڪ ڪهڙا ڪهڙا انعامَ ملندا آهن، ٻڌو! شيخ طريقت امير اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه پنهنجي رسالي بَاحياء نوجوان صفحو: 3 کان 7 تي هڪ ايمان اَفروز واقعو بيان ڪندي لکن ٿا: بَصره ۾ ھڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ”مِسڪي“ جي نالي سان مشهور ھئا۔ مُشڪ کي عربي ۾ ”مِسڪ“ چوندا آھن، اُن لاءِ مِسڪي جي معنيٰ ٿي ”مُشڪبار“ يعني مُشڪ جي خوشبو وارو۔ اھي بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هر وقت مشڪبار ۽ خوشبودار رھندا ھئا، ايستائين جو جنھن رستي تان لنگهندا هئا، اهو رستو به مهڪي پوندو هو! جڏهن مسجد ۾ داخل ٿيندا هئا ته ان جي خوشبو مان ماڻهو سمجهي ويندا هئا ته حضرت مِسڪي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تشريف فرما ٿيا آهن۔ هڪ ڀيري ڪنهن عرض ڪيو: حُضُور! اوهان کي خوشبو جي لاءِ ڪافي رقم خرچ ڪرڻي پوندي هوندي؟ پاڻ فرمايائون: مون ڪڏهن به خوشبو خريد ناهي ڪئي ۽ نه وري ڪڏهن خوشبو لڳائي آهي۔ منهنجو واقعو ڏاڍو عجيب ۽ غريب آهي:
منهنجي پيدائش بغداد شريف جي هڪ خوشحال گهراڻي ۾ ٿي، جھڙي طرح امير پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياريندا آهن، مون کي به اهڙي طرح تعليم ڏياري وئي۔ مان ڏاڍو خوبصورت ۽ با حياء هئس، منهنجي بابا سائين کي ڪنهن مشورو ڏنو ته ”هن کي بازار ۾ ڪم تي لڳايو ته جيئن هي ماڻهن ۾ رلي مِلي وڃي ۽ هن جي حيا به ڪجھ گهٽ ٿئي۔“ سو مون کي بزَّاز (ڪپڙا وڪڻڻ واري) جي دُڪان تي ويهاريو ويو۔ هڪ ڏينهن هڪ ٻڍڙي(پوڙهي) ڪجهه قيمتي ڪپڙا ڪڍرايا ۽ ڪپڙي واري کي چيائين: ”ڪنهن کي مون سان گڏ موڪل ته جيئن جيڪي ڪپڙا پسند اچن، انهن جي قيمت ۽ باقي ٻيا ڪپڙا واپس کڻي اچي“ ڪپڙي واري مون کي ان سان گڏ موڪليو۔ ٻڍڙي مونکي هڪ عظيم الشّان محل ۾ وٺي وئي ۽ هڪ سينگاريل ڪمري ۾ موڪلي ڇڏيائين۔ اک کڻي جو ڏسان ته قيمتي زيورات ۽ خوبصورت پوشاڪ پهريل هڪ جوان ڇوڪري تخت تي ويٺي آهي، مون کي