Gunnah Chorne Ka Inaam

Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam

ڪتاب جي مختصر شرح ضِياءالقاري شرح بُخاري لکڻ جي سعادت حاصل ڪئي آهي، اوهان هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 1700 رپين ۾ حاصل ڪيو، پاڻ به مطالعو ڪيو ٻين کي به ان جي پڙهڻ جي ترغيب ڏيو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي، سُنّت جي فضيلت ۽ زندگي جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاهِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي، ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                           جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

نالو رکڻ جون سنّتون ۽ آداب

 فرمانِ مُصطَفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: قيامت جي ڏينهن توهان کي پنهنجي ۽ توهان جي ابن ڏاڏن جي نالن سان پڪاريو ويندؤ، تنهنڪري توهان پنهنجا سٺا نالا رکو۔ (ابو داود،ڪتاب الادب باب في تغيير الاسماء،۴/۳۷۴،حديث:۴۹۴۸)

 اي عاشقانِ رسول! مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ٻار جو سُٺو نالو رکيو وڃي ڪافي ماڻهن جا اهڙا نالا آهن جن جي معنٰي نه آهي يا انهن جي بُري معنٰي آهي اهڙن نالن کان بچو * انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ وَالسَّلام ۽ تابعين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم جي نالن تي نالا رکڻ بهتر آهي، اميد آهي ته ان جي برڪت ٻار سان شامل ٿي وڃي * ٻار زندھ پيدا ٿيو يا مُئل ان جو بدن مڪمل ٿيو هجي يا مڪمل نه ٿيو هجي، بهرحال ان جو نالو رکيو ويندو * حديث پاڪ ۾ آهي: ٻار جو نالو رکو جو الله پاڪ ان جي ذريعي توهان جي عمل جي ساهمي کي وزندار ڪندو * جبريل يا ميڪائيل وغيره نالو نه رکو * يٰسين يا طٰهٰ نالو رکڻ منع آهي  


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔