Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
الله پاڪ جي حضور حاضِري جو تصَوُّر
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيترو نه پيارو انعام آهي. اسان کي به هي وصف اپنائڻ گهرجي. هونئن اسان بزرگن جي خوفِ خدا جي ڪيفيتن کي ڏسون ته انهن جو ته اعلٰي ئي شان آهي ...!! * اهي الله جي خوف سبب هر وقت ڏڪندا رهندا هئا. * انهن کي ڏسڻ وارن کي لڳندو هو ته هي ڄڻ هاڻي ميدانِ محشر مان واپس اچي رهيا آهن. * هر وقت ڊنل ۽ سهميل رهندا هئا. * الله جي خوف سبب روئندا هئا. * انهن جي ڳوڙهن سان ڏاڙهي آلي ٿي ويندي هئي. * ڳلن تي ڳوڙهن سان لڪيرون پئجي وينديون هيون. * بيهوش ٿي ويندا هئا. هي تمام اعلى درجي جون ڪيفيتون آهن، الله پاڪ اسان کي انهن نيڪ ٻانهن جو صدقو نصيب فرمائي. گھٽ ۾ گھٽ هر مسلمان جي اندر ايترو خوفِ خدا ضرور هجڻ گهرجي جو جڏهن اسان جي دل ۾ گناہ جو خيال اچي، شيطان اسان کي گناھ جي دعوت ڏي ته فوراً الله پاڪ جي سامهون پيش ٿيڻ ياد اچي وڃي...!!اهو تصور اچي وڃي ته اهو قيامت جو دهشت ناڪ ڏينهن...!!* جڏهن سج باهه وَسائي رهيو هوندو.* زمين تانبي جي هوندي.* ٽهڪي رهي هوندي.* ماڻهو پنهنجي ئي پگهر ۾ ٻڏي رهيا هوندا.* اڳيان پويان سڀئي حاضر هوندا.* قهر کي منهن ڏيڻو پوندو، ربِ ڪريم ان ڏينهن اهڙو غضب فرمائيندو جو ان کان پهريان ڪڏهن به اهڙو غضب نه فرمايو. اهڙي دهشت ناڪ مرحلي تي مون کي منهنجي نالي سان سڏيو ويندو: اي فلاڻا بن فلاڻا! رب جي سامهون حاضر ٿيءُ...!
ان وقت اسان ڊڄنداسين، شرم کان منهن لڪائينداسين، پر افسوس! ان ڏينهن لڪڻ جي جاءِ ڪٿي هوندي...!! ملائڪ پڪڙي ربِّ پاڪ جي سامهون پيش ڪري ڇڏيندا. پوءِ اسان کان اسان جي عملن جو حساب ورتو ويندو. پڇيو ويندو: اي فلاڻا! * ڇا توکي زندگي نه ڏني وئي هئي؟ * ڇا توکي نعمتون نه عطا ڪيون ويون هيون؟ * ڇا تو وٽ حق جو پيغام نه پهتو هو؟ پوءِ تو گناھ ڇو ڪيو؟ ان وقت اسان وٽ ڪهڙو جواب هوندو...؟ افسوس! اسان شرم کان پاڻي پاڻي ٿي رهيا هونداسين. ڪو بهانو ڪم نه ايندو...!! افسوس! جيڪڏهن ان وقت ربِّ ڪريم