Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
جو نالو آهي: نيڪ اعمال (Naik Amal) هي ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪريو، هن ايپلي ڪيشن ۾: اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن ۽ طالبِ علمن جي لاءِ الڳ، الڳ، رسالا موجود آهن * ان کي 6 مختلف زبانن * انگريزي * اردو * هندي بنگالي * گجراتي ۽ * سنڌي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو * هن ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوالات ڏنا ويا آهن * هر سوال جي هيٺ 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضي جو ڪوبه وقت مُقرر ڪري پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، هن جي مطابق زندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هن جي برڪت سان گناھن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف سٿرو، نکريل ۽ خوبصورت ٿي ويندو.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
* هر هفتي ۾ اميرِ اہلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني چينل تي لائيو هفته وار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي تي به مدني چينل تي عشاء کان پوء (تقريباً 8:30 منٽن تي) اِنْ شَــآءَالـلّٰـه هفته وار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ اميرِ اہلِ سنت مولانا الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سوالن جا جواب به ڏيندا. تمام ذمّيدار ۽ عاشقانِ رسول کي درخواست آهي ته هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت ڪن ۽ ٻين کي به ان ۾ شرڪت جي دعوت ڏين. * شيخِ طريقت، اميرِ اہلِ سنت هر هفتي ۾ هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ڏيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ ”ناراضگين جو علاج“جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو، ٻين کي به ان جي پڙهڻ جي ترغيب ڏيو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا جهڙوڪ واٽس ايپ وغيره استعمال ڪندا آهن، رضاءِ الٰهي ۽ ثواب لاءِ هي رسالو ٻين تائين شيئر ڪيو. * بخاري شريف حديثن جي ڪتابن ۾ سڀني کان اعليٰ مقام رکندي آهي، هن ڪتاب کي پڙهڻ پڙهائڻ بُزرگن جو عمل رهيو آهي، المدينة العلميه(اسلامڪ ريسرچ سينٽر، دعوت اسلامي) حديث پاڪ جي انتهائي اهم