Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
دور ٿي وينديون. هوءَ شريف عورت هئي، ان منهنجي آڇ کي ٺُڪرائي ڇڏيو ۽ واپس هلي وئي. ٿوري دير کانپوءِ روئندي وري واپس آهي، چيائين: مان وقت جي هٿان مجبور آهيان، ڪجھ مدد ڪيو!
هن ڀيري ان منهنجي آڇ قبول ڪري ورتي. مان هن کي پاڻ سان گڏ وٺي گهر پهتس. جڏهن مان هن جي ويجهو ٿيس ته هوءَ ڏڪڻ لڳي. هوءَ ائين تڙپي رهي هئي جيئن طوفان ۾ ڦاٿل ٻيڙي لوڏا کائيندي آهي. مون کانئس هن حالت جو سبب پڇيو ته چوڻ لڳي: مان الله پاڪ جي خوف کان تڙپي رهي آهيان! افسوس! هن وقت اسان گناهه ڏانهن وڌي رهيا آهيون ۽ الله پاڪ اسان کي ڏسي رهيو آهي. الله پاڪ توکي دنيا ۽ آخرت ۾ باهه کان محفوظ رکي، خدا جي واسطي مون کي ڇڏي ڏيو!
اُهو لوھار چئي ٿو: مون ان کي ڇڏي ڏنو، هوءَ جلديءَ مان گهر هلي وئي. ان کان پوءِ مون هڪ خواب ڏٺو؛ هڪ عورت آهي، مون پڇيو: تون ڪير آهين؟
ان چيو: مان ان ڇوڪريءَ جي ماءُ آهيان، اسان سيد گھراڻي جا آهيون. تو منهنجي نياڻيءَ سان ڀلائي ڪئي، الله پاڪ توکي ان جو اجر ڏي ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ توکي باهه کان محفوظ رکي! بس اهو ڏينهن هو ۽ اڄوڪو ڏينهن آهي، هن دنيا جي باهه مون کي نقصان ناهي پهچائيندي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هيءُ آهي گناهه ڇڏڻ جو انعام...!! واقعي جيڪو گناهه ڇڏي ڏيندو آهي، الله پاڪ جي خوف سبب ان (الله) جي نافرمانيءَ کان باز اچي ويندو آهي، الله پاڪ ان کي بهترين بدلو عطا فرمائيندو آهي.
بني اسرائيل ۾ ڪفل نالي هڪ شخص هو جيڪو ڪنهن به گناھن کان نه بچندو هو، ان وٽ هڪ (مجبور) عورت آئي ته هن ان کي سٺ(60) دِينار هن شرط تي ڏنا ته هو ان سان بدڪاري ڪندو، پوءِ جڏهن ڪِفل نالي اهو شخص ان عورت سان بدڪاري ڪرڻ جي لاءِ ويٺو ته اها عورت ڏڪڻ لڳي ۽ روئڻ لڳي، ڪِفل ان کان پڇا ڪئي: ”توکي ڪهڙي شيء رُئاريو آهي؟ ڇا مون تو کي مجبور ڪيو؟“