Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
سُبْحٰنَ اللہ! خبر پئي؛ جيڪو الله پاڪ جي خوف کان گناهه ۽ برائي ڇڏي ڏيندو آهي الله پاڪ ان جي هن عمل کي ضايع ناهي فرمائيندو، بلڪه ان کي گهڻو بهتر بدلو عطا فرمائيندو آهي ، مثلاً: * وياج ڏيڻ وٺڻ جو موقعو ميسر هو، مال به وڌندي نظر اچي رهيو هو، پوءِ به ٻانهو ڇڏي ڏي ته وياج گناهه آهي، تنهنڪري مان ان ۾ نه پوندس* ظاهري طور نظر اچي رهيو آهي ته ڪوڙ ڳالهائڻ سان دڪان سٺي هلندي آهي، ٻانهو پوءِ به ڪوڙ نه ڳالهائي جو ڪوڙ ڳالهائڻ گناهه جو ڪم آهي* ڪوڙيون قسمون کڻڻ سان وڪرو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي ٻانهو پوءِ به ڪوڙي قسم نٿو کڻي* دل ۾ گناهه ڀري خواهش اڀري رهي آهي، پر ٻانهو ان خواهش کي دٻائي ڇڏيندو آهي، گناهه ۾ ناهي پوندو، ته الله پاڪ ان ترڪ(ڇڏڻ) جو، گناهه کان بچڻ ۽ ان خواهش کان رڪڻ جو بهترين بدلو دنيا ۾ به عطا فرمائيندو آهي۔
علّامه ابنِ جوزي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ واقعو لکيو، تمام خوبصورت واقعو آهي. هڪ بزرگ فرمائن ٿا: مون هڪ لوھار ڏٺو، جيڪو تمام عجيب هو. هو لوهه کي ڀَٺيءَ ۾ وجھي گرم ڪندو، پوءِ باھه ۾ هٿ وجھي لوهه کي ٻاهر ڪڍندو هو. يعني لوهه باهه مان ڪڍڻ لاءِ ڪو چمٽو يا ڪو اوزار استعمال نه ڪندو هو، سڌو هٿ ئي باھه ۾ وجهي ڇڏيندو هو. پوءِ ان گرما گرم لوهه کي هٿ سان ئي ابتو سبتو ڪندو رهندو هو. باھه جو ڪم ته ساڙڻ آهي، جيڪو به هجي ان کي ساڙيندي آهي پر حيرت جي ڳالهه هئي، ان عجيب لوھار کي باھه ڪجهه به نه چوندي هئي.
اُهو بزرگ فرمائي ٿو: مون ان کان ان جو سبب پڇيو ته ان عجيب لوھار پنهنجي حياتيءَ جو هڪ واقعو بيان ڪيو. چوڻ لڳو: مان تمام وڏو گنهگار هيس، هڪ دفعي هڪ حسين عورت مون وٽ آئي، ويچاري مجبور هئي، هن مون کان مدد لاءِ سوال ڪيو، پر مان ته گنهگار هيس...!! منهنجون نظرون ڀٽڪي پيون، دل ۾ بدڪاريءَ جي خواهش جاڳي پئي. مون ان ويچاريءَ جي مجبوريءَ جو فائدو وٺندي چيو ته: تون منهنجي گهر هل! مان توکي ايترو ڏيندس جو سڀ پريشانيون