Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
ته عورت جواب ڏنو: ”اهڙي ڳالھ ناهي، پر مون اهڙو ڪم ڪڏهن ناهي ڪيو، بلڪ مون کي صرف حاجت ان تي مجبور ڪيو آهي۔“ ته ڪِفل چيو: ”توکي اهو ڪم ڪرڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته تو پهريان ڪڏهن اهو ڪم ناهي ڪيو، وڃ ۽ اهي دِينار به تنهنجا آهن۔“ ۽ ان قسم کڻي چيو: ”الله پاڪ جو قسم! مان هاڻي ڪڏهن نافرماني نه ڪندس۔“ پوءِ ائين ٿيو جو ان رات ئي ڪفل مري ويو۔ صبح ان جي گھر جي دروازي تي لکيل هو: اِنَّ اللهَ قَدْ غَفَرَ لِلْكِفْلِ بيشڪ الله پاڪ ڪِفل کي بخشي ڇڏيو آهي۔[1]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! گناهه ڇڏڻ جا ڪهڙا ڪهڙا انعام آهن، ٻانهو گنهگار هو، خراب ڪردار وارو هو، جڏهن هن الله پاڪ جي رضا لاءِ گناهه ڇڏيو، هڪ مجبور جي مدد ڪئي، ته الله پاڪ کي سندس هيءَ ادا وڻي وئي ۽ هن جي بخشش فرمائي ڇڏي. ڪاش! اسان کي به توفيق ملي، اسان کي به الله پاڪ جي حضور حاضريءَ جو خوف نصيب ٿي وڃي ۽ اسان صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا لاءِ، سندس خوف سبب، گناهن کان بچڻ وارا بڻجي وڃون.
اسان جو هڪ وڏو مسئلو آهي، گناهه ڪري ڪري دلين تي مِير چڙهي وئي آهي، هاڻ اسان کي گناهن جي سختيءَ جو احساس ئي نٿو ٿئي، اهو سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته مان ڪنهن جي نافرماني ڪري رهيو آهيان. ياد رکو! دل جي هيءَ حالت هڪ تمام وڏي خطري جي نشاني آهي. حديث شريف آهي: اِنَّ الْمُؤْمِنَ یَرٰی ذُنُوْبَہٗ کَاَنَّہٗ قَاعِدٌ تَحْتَ جَبَلٍ یَخَافُ اَنْ یَّقَعَ عَلَیْہِ وَاِنَّ الْفَاجِرَ یَرَی ذُنُوْبَہٗ کَذُبَابٍ مَرَّعَلٰی اَنْفِہٖ يعني، مؤمن پنهنجي گناهن کي ائين ڏسندو آهي جيئن هو ڪنهن جبل جي هيٺان ويهندو آهي ۽ ڊڄندو آهي ته ڪٿي اهو جبل مٿس ڪري نه پوي، جڏهن ته منافق پنهنجي گناهه کي ائين ڏسندو آهي، ڄڻ هڪ مک آهي جيڪا اُن جي نڪ تان گذري وئي.[2]