Gunnah Chorne Ka Inaam

Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam

هلاڪت ٿئي...! ڇا تون الله پاڪ سان مقابلو ڪرڻ چاهين ٿو؟ ها! ها! جنهن الله پاڪ جي نافرماني ڪئي ڄڻ ته ان الله پاڪ سان جنگ ڪئي.[1]

گناه 10 برائيون آڻيندو  آهي

مسلمانن جا ٻيان خليفا حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: گناھ جيتوڻيڪ هڪ ئي هجي اهو پاڻ سان گڏ 10 برائيون آڻيندو آهي: (1) گناہ ڪندڙ الله پاڪ کي غضب ڏياريندو آهي. (2) گناہ ڪندڙ ابليس (يعني شيطان) کي خوش ڪندو آهي. (3) گناہ ڪرڻ وارو جنت کان پري ۽ (4) دوزخ جي ويجهو ٿي ويندو آهي. (5) گناہ ڪرڻ وارو پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندو آهي. (6) گناھ ڪرڻ وارو پنهنجي باطن کي ناپاڪ ڪندو آهي. (7) گناھ ڪرڻ وارو اعمال لکڻ وارن ملائڪن کي تڪليف ڏيندو آهي. (8) گناھ ڪرڻ وارو نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي غمگين ڪندو آهي. (9) گناھ ڪرڻ وارو زمين ۽ آسمان کي پنهنجي خلاف گواهه بڻائيندو آهي. (10) گناھ ڪرڻ وارو انسانن سان خيانت ۽ الله ربُ العالمين جي نافرماني ڪندو آهي[2].

 

بڑی کوششیں کیں گناہ چھوڑنے کی                                                رہے آہ! ناکام ہم یااِلٰہی!

جو ناراض تُو ہو گیا تو کہیں کا                                                                                     رہوں گا نہ تیری قسم یااِلٰہی!

مجھے سچی توبہ کی توفیق دیدے                                                                           پئے تاجدارِ حرم یااِلٰہی!([3])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو!  گناہ واقعي گناهه آهي، گناہ جا رڳو نقصان ئي نقصان آهن، فائدو هڪ به ناهي. امام حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو شان وارو فرمان ٻيهر ٻڌو! فرمايو: اَنَّ اَكْيَسَ ‌الْكَيِّسِ التُّقَى   سڀني کان وڏو عقل مند اهو آهي جيڪو تقوٰي


 

 



[1]... عُیُون الحکایات، حصہ اوّل، صفحہ:52۔

[2]... آنسوؤں کا دریا، صفحہ:49۔

[3]... وسائلِ بخشش، صفحہ:110 بتقدم و تاخر۔