Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
* گُناھ ٿي وڃي ته ان کي معمولي نه سمجهون، اهو نه چئون ته ڪجهه ناهي ٿيو، ننڍي غلطي ئي ته ٿي آهي، الله پاڪ رحمٰن آهي، بخشي ڇڏيندو. اها تمام وڏي ناداني آهي. ٿيو آهي، گهڻو ڪجھ ٿيو آهي، الله پاڪ جيڪو جبّار ۽ قہار آهي، ان جي نافرماني ٿي آهي، ڇا هي معمولي ڳالهه آهي؟ نه، بلڪل نه. هي معمولي ڳالهه ناهي، تمام وڏي ڳالهه آهي. * گُناھ تي مغرور نه ٿيون، * گُناھ ٿي ويو آهي ته هاڻ خوش نه ٿيون، ڊڄون، افسوس! مون کان گُناھ ٿي ويو، افسوس! مان رب جي حضور ڪنهن منهن سان ويندس، ڇا جواب ڏيندس، هي سوچي ڪري ڊڄو، قبر ۽ حشر جو تصور ڪري پريشان ٿي وڃو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اها شرمندگي ڪم اچي ويندي ۽ * چوٿين ڳالهه اها آهي ته گُناھ ٿي ويو ته هاڻ ان تي ڄمي نه وڃون، جلد کان جلد اهو گُناھ ڇڏي ڏيون ۽ توبه جي طرف وڌون. اچو! مان توهان کي ڪجهه حديثون ۽ روايتون ٻڌايان ٿو:
صحابي رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي فرمايو: اي ابو هريره! وَرَع اختيار ڪيو! (يعني پرهيزگار بڻجي وڃو!) سڀني کان وڏا عبادت گذار ٿي ويندؤ. [1]
وَرَع (پرهيزگاري) ڇا کي چئبو آهي؟ هي به ٻڌي وٺو! حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اَلْوَرْعُ تَرْکُ کُلِّ شُبْہَۃٍ شُبهي وارين ڳالهين کي ڇڏي ڏيڻ وَرع (يعني پرهيزگاري) آهي.[2] يعني هڪ آهي: گُناہ ڇڏڻ. مثلاً، اسان ڄاڻون ٿا ته* ڪوڙ ڳالهائڻ گُناھ آهي. * وياج ڏيڻ وٺڻ گُناہ آهي. * غيبت گُناہ آهي. * چغلي گُناہ آهي. * پاڙيسرين کي ستائڻ گُناہ آهي. * مسلمان کي تڪليف پهچائڻ گُناہ آهي. * ماءُ پيءُ کي ستائڻ گُناہ آهي. * شراب پيئڻ گُناہ آهي. *حرام ڏسڻ گُناہ