Gunnah Chorne Ka Inaam

Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam

هن مبارڪ مهيني ۾* خوب عبادت ڪيون* تلاوت ڪيون* گهڻو درود شريف پڙهون* گهڻي توبه ۽ استغفار ڪيون* نفلي روزن جي ڪثرت ڪيون ۽ نه رڳو هن مهيني ۾ بلڪ سڄي زندگي گناهن کان هميشه بچندا رهون. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

امام حُسين رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ  جو هڪ خطبو

پيارا اسلامي ڀائرو! 5 شعبان شريف تي امامِ عالي مقام، امام عرش مقام حضرت امام حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو يوم ولادت آهي.

مرحبا! سَرْوَرِ عالَم کے پِسَر آئے ہیں                                                    سیدہ فاطمہ کے لختِ جگر آئے ہیں

واہ قسمت! کہ چراغِ حرمین آئے ہیں                                                   اے مسلمانو! مبارَک کہ حُسَیْن آئے ہیں([1])

اچو! امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو ذڪر ڪري برڪت حاصل ڪيون ۽ سندن نصيحت ڀريو خطبو ٻڌون: روايت ۾ آهي ته ڪربلا جي ڏينهن 10 محرم شريف جي صبح جو امامِ عالي مقام امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  خطبو ڏيندي فرمايو: * اي الله جا ٻانهؤ! الله پاڪ کان ڊڄو! ۽ دنيا کان بچندا رهو! * بيشڪ جيڪڏهن ڪنهن کي هن دنيا ۾ هميشه رهڻو هجي ها ته يقيناً انبياءِ ڪرام عليهم السلام سدائين زنده رهن ها پر الله پاڪ هن دنيا کي آزمائش لاءِ پيدا ڪيو آهي.* هتي رهڻ وارا سڀئي فنا ٿيڻ لاءِ ئي پيدا ڪيا ويا آهن.* دنيا جون نيون شيون پراڻيون ٿيڻ واريون آهن.* هتي جون نعمتون ختم ٿيڻ واريون آهن.* هتي جون خوشيون ختم ٿيڻ واريون آهن. سو سفر جو سامان تيار ڪيو! بيشڪ بهترين سفر جو سامان تقوٰي ئي آهي. الله پاڪ کان ڊڄو ته جيئن توهان ڪامياب ٿي وڃو...!! ([2])


 

 



[1]...معجم الصحابہ للبغوی، جلد:2، صفحہ:14۔

[2]...تاریخِ مدینہ دمشق ،جلد:14 ،صفحہ:218۔