Gunnah Chorne Ka Inaam

Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam

ڪري رمضان شريف ۾ اعتڪاف نه ٿي سگهيو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم شوال ۾ اعتڪاف فرمايو.([1])

اعتڪاف جا فضائل

 * حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا کان روايت آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: مَنْ اِعْتَکَفَ اِیْمَاناً وَ اِحْتِسَابًا غُفِرَ لَہٗ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِہٖ يعني جنهن ايمان جي حالت ۾ ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان اعتڪاف ڪيو ان جا اڳيان پويان گناهه بخشيا ويندا.([2])  * هڪ ٻي روايت ۾ آهي: جنهن رمضان المبارڪ ۾ 10 ڏينهن اعتڪاف ڪري ورتو اهو ايئن آهي ڄڻ ان 2 حج ۽ 2 عمرا ڪيا.([3])

اجتماعي سنّت اعتڪاف جي ترغيب

 پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ  سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي، فيضانِ رمضان حاصل ڪرڻ، گناهن کان بچڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ، دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه !دعوتِ اسلامي جي تحت سڄي دنيا ۾ هزارين هنڌن تي آخري ڏهن ڏينهن جو اجتماعي سنت اعتڪاف منعقد ڪيو ويندو آهي. توهان به ڪوشش ڪيو! سڄي مهيني جو اعتڪاف ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيو بلڪه عالَمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه (ڪراچي) ۾ اعتڪاف ڪيو، ڇو ته اتي شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت، مولانا محمد الياس قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  وقت جي هڪ ڪامل ولي سان گڏ اعتڪاف ڪرڻ جو موقعو ملندو ته ان جون برڪتون ئي نراليون هونديون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! رمضان شريف ۾ گناهن کان بچڻ، نيڪيون ڪرڻ، نفلي عبادتن جو شوق وڌڻ سان گڏوگڏ بيشمار علمِ دين حاصل ڪرڻ جو موقعو به ملندو.


 

 



[1]بخاری،کتاب الاعتکاف،باب الا عتکاف فی الشوال، صفحہ:533،حدیث:2041۔

[2]...جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8480۔

[3]...جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8479۔