Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
ماڻهن وري عرض ڪيو: جيڪو الله جي راهه ۾ جهاد ڪري. پاڻ فرمايائون: اهو به گناھ به ڪندو آهي ۽ نيڪيون به ڪندو آهي، ماڻهن وري عرض ڪيو: روزيدار سڀني کان افضل آهي. پاڻ فرمايائون: روزيدار به ڪڏهن گناھ ڪندو آهي ۽ نيڪيون به ڪري رهيو هوندو آهي. آخرڪار، حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ پاڻ فرمايو: سڀ کان افضل ماڻهو اهو آهي، جيڪو صاحبِ وَرَع (يعني پرهيزگار) هجي. بيشڪ پرهيزگاري ئي اها شيءِ آهي جنهن سان ٻانهي جون نيڪيون مڪمل ٿي وينديون آهن.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ نهايت سبق آموز روايت آهي، واقعي ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي نماز ته پابندي سان پڙهندا آهن، پر ڪوڙ به ڳالهائيندا آهن، وياجي ڏيتي ليتي به ڪندا آهن، گاريون به ڏيندا آهن، غيبتون ۽ چغليون به ڪندا آهن، ٻين کي تڪليفون به ڏيندا آهن. ڪيترائي روزيدار اهڙا آهن جيڪي بک ۽ اُڃ کان سواءِ ٻيو ڪجهه حاصل ناهن ڪندا، روزو رکڻ باوجود به گناهن ۾ مبتلا هوندا آهن. ڪيترائي حاجي اهڙا آهن جيڪي لکين روپيا خرچ ڪري حج ته ڪري وٺندا آهن پر گناهن کان باز ناهن ايندا. ڪيترائي قرآن پڙهڻ وارا اهڙا آهن جيڪي قرآن جي تلاوت ڪرڻ باوجود به گناهن ۾ مشغول هوندا آهن. حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمايو: افضل ماڻهو اهو آهي جيڪو پرهيزگاري اختيار ڪندو آهي، گناھ ڇڏي ڏيندو آهي، جڏهن ماڻهو گناھ ڇڏي ڏيندو آهي ته سندس نيڪيون مڪمل ٿي وينديون آهن. لهٰذا جيڪو پنهنجين نيڪين کي بچائڻ ۽ مڪمل ڪرڻ چاهي ٿو، ان کي گهرجي ته گناهه ڇڏي ڏي.
حديث پاڪ ۾ آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: الله پاڪ حضرت موسى عَلَيۡهِ السَّلَام ڏانهن وحي موڪلي ۽ فرمايو: اي موسى! قيامت جي ڏينهن مان ٻانهن کان حساب وٺندس پر پرهيزگار...!! انهن جي عزت افزائي ڪئي ويندي ۽ بغير حساب جنت ۾ داخل ڪيو ويندو.[2]