Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam
الله! الله! خبر پئي ته گناهه کي معمولي سمجهڻ منافق جي نشاني آهي. افسوس! اڄ اسان وٽ ته هيءَ ڳالهه هڪ عام معمول بڻجي وئي آهي. * ماڻهو گناهه ڪندا آهن. * نمازون قضا ٿينديون آهن، * مسجدون ويران آهن، * بازارن ۾ ڪوڙ، دوکو، دغابازي عام آهي، * گهر گهر ۾ ڄڻ ته سينما بڻيل آهن، * فلمن، ڊرامن، موسيقي وغيره جو هر گهر ۾ راڄ آهي. ان جي باوجود اسان کي انهن گناهن جو احساس به ناهي ٿيندو. الله اسان کي سمجهه عطا فرمائي!
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: ٻانهي کان جڏهن گناهه ٿئي ۽ هو ان کي معمولي نه سمجهي، تمام وڏو گناهه سمجهي ۽ الله پاڪ کان ڊڄي وڃي ته اهڙو گناهه ربّ جي حضور ننڍو آهي (يعني ان جي ان خوف ۽ ڊپ سبب اهو گناهه بخشجي ويندو آهي) ۽ جيڪڏهن ڪو ٻانهو گناهه ڪري ۽ پوءِ ان کي معمولي سمجهي ته اهو گناهه تمام وڏو آهي ڇوته ان کي نه ان تي شرمندگي ٿيندي، نه هو ان کي ڇڏيندو، نه وري ان جي معافي گهرندو.[1]
حضرت عوّام بن حَوۡشَب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: گناهه ٿي وڃڻ کان بعد جون 4 برايون اهڙيون آهن جيڪي گناهه کان به وڌيڪ خراب آهن: (1) اِسۡتِصۡغَار (يعني گناهه کي معمولي سمجهڻ) (2) اِغتِرار (غافل رهڻ) (3) اِستِبشار ( يعني خوش رهڻ ۽ الله پاڪ جي حضور حاضريءَ کان خوف نه ڪرڻ) (4) ۽ اِصرار(يعني گناهه تي ڄمي وڃڻ، توبه نه ڪرڻ). ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! گُناھ ٿي وڃڻ انسان جي فطرت آهي، يعني اسان جهڙن عام انسانن کان گُناھ ٿي ئي ويندا آهن پر اسان کي انهن 4 بُرائين کان بچڻ ئي گهرجي.