Gunnah Chorne Ka Inaam

Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam

گناهن کان بچڻ جو طريقو

هاڻ مسئلو هيءُ آهي ته گناهن کان ڪيئن بچجي؟ ظاهري ڳالهه آهي جڏهن معلوم ٿيندو ته ڪهڙو ڪم گناھ آهي، تڏهن ئي ته ان کان بچي سگهنداسين.

افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته اڄڪلهه ديني معلومات جي تمام گهڻي کوٽ آهي.
ماڻهن کي خبر ئي ناهي پوندي ته ڪهڙو ڪم گناھ آهي ۽ ڪهڙو ڪم نيڪي  آهي. تنهنڪري سڀني کان پهريان گناهن جي معلومات حاصل ڪيو. مڪتبة المدينه جي 2 جلدن تي مشتمل اهم ڪتاب آهي، جہنّم میں  لے جانے والے اعمال  . انهيءَ طرح هڪ ٻيو ڪتاب آهي: 76 کبیرہ گُنَاہ۔  ايئن ئي هڪ ڪتاب: جہنّم کے خطرات  به آهي.  اهي ڪتاب حاصل ڪيو، پڙهو، گناهن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪيو، پوءِ انهن کان بچڻ جو به ذهن بڻجندو.

ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن اسان عاشقانِ رسول سان قافلن ۾ سفر ڪرڻ شروع ڪيون ته يقين مڃو! تمام گهڻا فائدا حاصل ٿيندا. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! قافلن جي برڪت سان * گهڻو وقت مسجد ۾ گذارڻ نصيب ٿيندو آهي. *      نمازون جماعت سان پڙهڻ آسان ٿي ويندو آهي* نفل پڙهڻ جو موقعو ملي ويندو آهي. *  دين جو علم سکڻ ۽ سيکارڻ نصيب ٿي ويندو آهي. *          اخلاق سڌري ويندا آهن.  *    ڪردار نکرجي ويندو آهي. *دل صاف ٿي ويندي آهي. * باطني بيماريون ختم ٿي وينديون آهن. *       ۽ اَلحَمۡدُلله! نيڪين جو جذبو ۽ گناهن کان نفرت به پيدا ٿيندي آهي. لهٰذا گهٽ ۾ گهٽ هر مهيني 3 ڏينهن جي قافلي ۾ سفر ڪرڻ جو معمول بڻايو! عام طور فيضانِ مدينه مان هر جمعي تي قافلا روانا ٿيندا آهن، شيڊيول ٺاهي ڪري هر مهيني قافلي ۾ ويندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻا ديني ۽ دنياوي فائدا حاصل ٿيندا. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم