Gunnah Chorne Ka Inaam

Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam

پيارا اسلامي ڀائرو!  هنن لفظن ۾ ڪيتري نه خوبصورت نصيحت آهي، جيڪا امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائي آهي. هن خطبي جي بنياد 2 ڳالهيون آهن: (1)  هي دنيا فاني آهي، جيڪو هتي آيو آهي ان کي هن دنيا مان وڃڻو ئي آهي. (2) ڪاميابي ان ۾ آهي ته ٻانهو گناهن کان بچي، تقوٰي اختيار ڪري. امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جا وڏا ڀاءَ، امام حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: اَنَّ أَ كْيَسَ ‌الْكَيِّسِ التُّقَى وَأَحْمَقَ الْحُمْقِ الْفُجُورُ    بيشڪ سڀني کان وڌيڪ عقل مند اهو آهي جيڪو تقوٰي اختيار ڪري (يعني گناهن کان بچي) ۽ سڀني کان وڌيڪ احمق ۽ بيوقوف اهو آهي جيڪو گناهن ۾ مبتلا رهندو آهي.[1]

  عمل کا ہو جذبہ عطا یاالٰہی!                                                                                گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی!

میں پانچوں نمازیں پڑھوں با جماعت                                   ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی!

ہو اَخلاق اچھا ہو کردار سُتھرا                                                                                      مجھے مُتّقی تُو بنا یاالٰہی!([2])

گناهه الله پاڪ کان جنگ آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! ڳالهه واقعي سچي آهي، گناهه ناداني کانسواءِ ڪجهه به ناهي. جيڪو گناه ۾ مبتلا ٿيندو آهي، اهو نه رڳو پنهنجو وقت برباد ڪندو آهي، گڏوگڏ پاڻ کي الله پاڪ جي غضب جو حقدار به بڻائيندو آهي.

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

مَنْ یَّعْمَلْ سُوْٓءًا یُّجْزَ بِهٖۙ (پارہ:5، سورۂ نساء:123)

ترجموڪَنزُالعِرْفان: جيڪو به بُرائي ڪندو اُن کي ان جو بدلو ڏنو ويندو.

 الله! الله!  معلوم ٿيو ته جيڪو گناهه ڪندو آهي، اهو ان جو بدلو ماڻيندو آهي.  حضرت امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائيندا هئا: اي ابنِ آدم! تنهنجي


 

 



[1]... حلیۃالاولیا، جلد:2، صفحہ:46۔

[2]... وسائل بخشش، صفحہ:102-104 ملتقطاً۔