Gunnah Chorne Ka Inaam

Book Name:Gunnah Chorne Ka Inaam

کي ويلنٽائن ڊي ۽ اُن جي متعلق بي حيائين ۽ بيهودگين کان محفوظ رکي.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

ہر گھڑی شرم و حیا سے بس رہے نیچی نظر                                                      پیکرِ شرم و حیا بن کر رہوں آقا مُدام

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

گناه ڇڏڻ کان عزت وڌندي آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حضرت مسڪي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو ايمان افروز واقعو ٻڌو، هن واقعي ۾ هڪ ايمان اَفروز ڳالھ هي به آهي ته حضرت مسڪي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه گناه کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي عزت کي داءُ تي لڳايو، پنهنجو پاڻ کي بدبودار ڪري ڇڏيو، ته الله پاڪ سندن کي اهو انعام ڏنو جو سندن کي خوشبودار ڪري ڇڏيو، ايستائين جو جنهن گهٽي مان گذرندا هئا، اها گهٽي به سندن خوشبوئن سان مهڪڻ لڳندي هئي. هن مان خبر پئي ته جيڪو گناهن کان بچندو آهي، الله پاڪ ان جي عزت وڌائي ڇڏيندو آهي.

گناه ڇڏڻ  جو بهترين بدلو

 حضرت ابو قتاده ۽ ابو دَهۡماء رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهما ٻئي تابعي بُزرگ آهن، انهن ٻنهي بُزرگن جي عادت هئي ته مڪي شريف جو سفر نهايت رغبت سان ڪندا هئا، ڪيئي ڀيرا مڪي پاڪ حاضر ٿيا، فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو جڏهن حاضري جي سعادت ملي ته هڪ صحابي جي زيارت جو شرف مليو، اهي ڳوٺ جا رهائشي هئا، انهن حديث پاڪ بيان ڪندي فرمايو: هڪ ڀيرو آخري نبي، مڪي مدني، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ دين جون ڳالهيون سيکارڻ شروع ڪيون، ان دوران فرمايائون: ‌اِنَّكَ ‌لَنْ ‌تَدَعَ شَيْئًا اتِّقَاءَ اللهِ اِلَّا اَعْطَاكَ اللهُ خَيْرًا مِّنْهُ  يعني توهان جيڪڏهن الله پاڪ جي خوف سان ڪجھ ڇڏي ڏيندا ته الله پاڪ توهان کي هن کان بهتر عطا فرمائيندو.[1]


 

 



[1]... مسند احمد، جلد:8، صفحہ:350، حدیث:21282۔