Book Name:Bardasht Sunnat e Ambiya Hai
تمام بلند رتبي واريون هيون، هڪ ڀيري اوچتو ڪٿان کان سِرَ ڪِري ۽ سندن مٿي ۾ اچي لڳي، مٿو ڦاٽي پيو، رت وهڻ لڳو.
هاڻي اسان وٽ جڏهن اهڙو موقعو هوندو آهي ته انسان هاءِ گهوڙا هاءِ گهوڙا ڪندو آهي، درد وارا آواز ته نڪرندا ئي آهن پر ڪمال ڏسو! انهن الله وارن جو تعلق ڏسو الله پاڪ سان ڪيترو مضبوط هو، حضرت رابعه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡها جي مٿي ۾ سِر لڳي، مٿو ڦاٽي پيو، رت وهي نڪري آيو، پر ان تي کين ڪوبه منفي ردعمل (ري ايڪشن) نه ڏنو. ڪنهن حيرت مان پڇيو: ڇا توهان کي تڪليف نه ٿي؟ فرمايائون: سِرَ ڪري آهي ته الله پاڪ جي ارادي سان، ۽ منهنجي مٿي تي لڳي ته به الله پاڪ جي ارادي سان يعني هي سِرَ جو ڪرڻ ٻڌائي رهيو آهي ته الله پاڪ جو ارادو منهنجي متعلق ٿيو آهي. هن ڳالهه تي خوشي ئي ايتري ٿي جو تڪليف ڏانهن ڌيان ئي نه ويو.[1]
جِے سَوہْنَا مِیْرِے دُکْھ وِچْ رَاضِی تَے میں سُکْھ نُوں چُلّے پَاوَاں
وضاحت: جيڪڏهن الله کي اهو ئي منظور آهي ته مان آزمائش ۾ رهان، پوءِ مون کي راحت جي ڪا ضرورت ناهي، مان الله پاڪ جي رضا تي راضي آهيان.
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي الله وارن جي...!! هن مان خبر پئي، * مشڪل اچي، * پريشاني اچي، * تڪليف اچي، * غربت اچي، * بيماري اچي، * ڪجھ به هجي، * نظر ربّ ڪريم جي طرف رکو! برداشت ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوندي بلڪ تڪليف ئي ۾ مزو اچڻ لڳندو.
حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ، جيڪي رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا صحابي ۽